لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عليمه خان جي پٽ جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ پوليس گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل عليمه خان جي پٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ان موقعي تي شاهه ريز خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته جوابدار کي ٻن سالن جي دير سان گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس وٽ هن خلاف ڪهڙو مواد آهي؟ جڏهن ته سندس ماءُ هن ڪيس مان ڊسچارج ٿي چڪي آهي، تنهنڪري شاهه ريز خان کي به بري ڪيو وڃي ٻڌڻي دوران پوليس ڪيس جو رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ وقت گهريو ۽ شاهه ريز خان جي 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد فيصلو ٻڌائيندي شاهه ريز خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو عدالت ٻاهران ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اڄ خبر پئي ته شاهه ريز به هن ڪيس ۾ گهربل آهي، جڏهن ته 6 کان 12 مئي تائين هو چترال ۾ هو، اِها بدحواسي آهي، سوچيل سمجهيل سازش آهي ان موقعي تي عليمه خان جو چوڻ هو ته عمران خان کي ضمانت ملي ۽ ڪالهه منهنجي پٽ کي کڻي ويا، اسان اهڙين ڳالهين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، منهنجي پٽ جو ڌيان پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ ۾ آهي يا ڪاروبار ۾، هن کي هتي ڪنهن ڏٺو به نه هوندو واضح رهي ته عليمه خان جي پٽ کي گذريل ڏينهن لاهور ۾ سندس رهائشگاهه مان گرفتار ڪيو ويو هو
