بريڪنگ نيوز

آرمي چيف برسلز ۾ معافي جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي،9 مئي جي سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اچڻو پوندو: ڊي جي، آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف برسلز ۾ معافي جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي، واضح ٿي ويو آهي ته 9 مئي ڪندڙن، انهن جي سهولتڪارن ۽ منصوبه سازي ڪندڙن کي قانون موجب جوابده ٿيڻ گهرجي وفاقي راڄڌاني ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ خطاب کان پوءِ صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته جنهن آرٽيڪل جي ڳالهه ٿي رهي آهي اهو برسلز جو ايونٽ هو، برسلز جي ايونٽ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن فيلڊ مارشل سان تصويرون ڪڍرايون.  هن چيو ته آرمي چيف طرفان ڪوبه انٽرويو ناهي ڏنو ويو. برسلز ۾ آرمي چيف ڪابه سياسي ڳالهه ناهي ڪئي، پي ٽي آءِ جو ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو ويو نه ئي آرمي چيف ڪنهن معافي جو ذڪر ڪيو، ذاتي مفاد ۽ مشهوري لاءِ اها هڪ صحافي جي پنهنجي ڪوشش آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته سينئر صحافي ٿي به غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان خطي جون تقديرون تبديل ڪندڙ ملڪ آهي، اهوئي سبب آهي ته انهي جي مٿان هڪ ٻئي پويان حملا ٿيندا آهن، نوجوانن کي پنهنجي نظرياتي رياست جي ميراث ۽ تاريخ سمجهڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هندستان جو خيال هو ته هو حملو ڪندو ته پاڪ فوج کي آساني سان ڊس ڪريڊٽ ڪندو پر سڀ ڪجهه الٽو ٿي ويو، پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو ڀرپور جواب مليو ته ڀارت پنهنجي سموري پراڪسيز سميت منصوبن  ۾  ناڪام ٿيو هن چيو ته دنيا ڏٺو ته پاڪستان هر محاذ تي دشمن جو مقابلو ڪيو. پاڪستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ 2014 واري نيشنل پلان تي عملدرآمد ضروري آهي. نيشنل ايڪشن پلان جي صرف پهرين نقطي تي مڪمل عملدرآمد ٿي رهيو آهي هن وڌيڪ چيو ته ٻين 13 نقطن تي به عملدرآمد ضروري آهي ته جيئن گورننس جو خال ڀرجي سگهجي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا روزاني جي بنياد تي پنهنجي رت سان پورو ڪري رهيا آهن. ڏوهن ۾ ملوث غيرقانوني رهندڙ افغانين کي ڪڍون ٿا ته اسان جي ئي ملڪ جي ڪجهه سياسي ۽ ڪرمنل ڪردارن کي مسئلو شروع ٿي ويندو آهي. ياد رهي ته اڄ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 9 مئي  جي 8 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي آهي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے