اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين ٻطرفي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مڪمل هم آهنگي ۽ اتفاق راءِ رکن ٿا، اسان جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ کي اڳئين مرحلي ۾ وٺي وڃڻ آهي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ زي سي پيڪ کي پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري جو اهم جز قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته موجوده ترجيح سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي آهي، ڇهين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ دوران ٻنهي ڌرين سي پيڪ کي ”گروٿ ڪوريڊور، عوامي ڀلائي ڪوريڊور، گرين ڪورڊور ۽ اوپن ڪوريڊور“ ۾ اپ گريڊ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. چين منعقد ڇهين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ دوران اپ گريڊ ٿيل چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جي تجديد ڪئي. ان اجلاس جي صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ڪئي، ٻنهي ڌرين پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن، گهڻ رخي تعاون ۽ عوامي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي سان گڏ پريس بريفنگ ۾ سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻئي ملڪ وڏن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مڪمل هم آهنگي ۽ اتفاق راءِ رکن ٿا. هن چيو ته وانگ زي جو ويزن خوش آئنده آهي جنهن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ کي اڳئين مرحلي ۾ وٺي وڃڻ شامل آهي. چيني پرڏيهي وزير سي پيڪ کي پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري جو اهم جز قرار ڏنو ۽ چيو ته موجوده ترجيح سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي آهي. هن چيو ته ڇهين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ دوران ٻنهي ڌرين سي پيڪ کي ”گروٿ ڪوريڊور، عوامي ڀلائي ڪوريڊور، گرين ڪوريڊور ۽ اوپن ڪوريڊور“ ۾ اپ گريڊ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وانگ زي چيو ته اسان محنت ڪنداسين ته جيئن صنعتي، زرعي ۽ معدني شعبن ۾ تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي، پاڪستاني عوام جي ڀلائي بهتر بڻائي پئي وڃي، پاڪستان جي پاڻڀرائپ ترقي جي صلاحيت کي تيز ڪري سگهجي ۽ معيشت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته چين گوادر پورٽ جي ترقي ۽ آپريشن ۽ قراقرم هاءِ وي الائنمينٽ منصوبي جي پڻ حمايت ڪري ٿو. اهڙي طرح هن ايم ايل – 1 (مين لائين ريلوي) منصوبي ۾ ٽئين ڌر جي شموليت جي آجيان ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته هي ڊائيلاگ پاڪ – چين – افغانستان پرڏيهي وزيرن واري ٽه ڌريي اجلاس کانپوءِ منعقد ٿيو جيڪو ڪابل ۾ ٿيو هو. هن چيو ته اهو مڪينزم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ پاڪ – چين دوستي جا ثمر خطي ۽ ان کان ٻاهر جي ملڪن سان ونڊڻ چاهيون ٿا. هن پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ قومي وقار جي تحفظ ۾ چين جي پختي حمايت تي پڻ ٿورا مڃيا. نائب وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين گهڻ رخي فورمز تي ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو، خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۾، جتي پاڪستان ٻن سالن جي مدي لاءِ غيرمستقل ميمبر جي طور تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايندڙ چين جي دوري جي تيارين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جتي هو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وڌيڪ اهو ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائيندا جنهن سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن تقريبون منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته چين وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايس سي او اجلاس جي لاءِ گرمجوشي سان ڀليڪار چوندو ۽ ٻئي ملڪ ايندڙ سال پاڪ – چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي سلسلي ۾ گڏيل تياري ڪندا. هن پاڪستان ۾ شديد برساتن جي ڪري ٿيندڙ نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوري طور تي هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ملڪ ۾ دهشتگردي بابت وانگ زي پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته چين کي يقين آهي ته پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جون ڪوششون ڪاميابي سان همڪنار ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان موثر طور تي چين جي شهرين ۽ ادارن جي حفاظت ڪري رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه ايندي، اها پاليسي سمورن ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ٻڌل آهي جيڪا گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ برابري تي قائم آهي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ آهي. هن چيو ته چين پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي ۽ اسان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وانگ زي چيو ته چين جي ڀارت سان حصيداري ڪنهن ٽئين ملڪ جي خلاف نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ تي ان جو اثر پوندو. چيني پرڏيهي وزير وانگ زي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي هڪ فريم ٿيل تصوير پيش ڪئي، جيڪا پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۾ سولرائيزيشن منصوبي جي تڪميل جي يادگار هئي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزارت پاڪستان جي پرڏيهي وزارت کي پرڏيهي آفيس جي سولرائيزيشن جي لاءِ 20 لک يوآن (آر ايم بي) جو تحفو ڏنو.
