بريڪنگ نيوز

وزيراعظم جو ملڪ ۾ سانوڻي جي وڏين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي سياسي اڳواڻن سان رابطو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ سانوڻي جي وڏين برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي سياسي اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان رابطو ڪيو ۽ ڏکڻ سنڌ، خاص طور تي ڪراچي ۾ تيز برساتن، شهري ٻوڏ ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم وفاقي حڪومت کان هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت کي هر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ رهي، صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي هر قسم جي مدد فراهم ڪري ۽ ماڻهن کي ممڪن خطرن بابت اڳواٽ آگاهي فراهم ڪري. جڏهن وزيراعظم جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير خيبر پختونخواهه ۾ تازين برساتن سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ جاري امدادي سرگرمين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم برساتن ۽ ٻوڏ دوران الخدمت فائونڊيشن جي ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ فعال حصو وٺڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم ۽ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ ۽ متوقع برساتن جي امڪاني خطرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم وفاقي حڪومت طرفان ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ ٻين وفاقي ادارن جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے