اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي شڪار ۽ ان جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڪستاني قوم عزم ۽ همت ۽ بهادري سان قربانيون ڏئي شڪست ڏني آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، هٿياربند فوج، پوليس ۽ پاڪستان جي عوام دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌيءَ پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي شڪار ۽ متاثرين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اڄ دنيا سان هڪ آواز ٿي دهشتگردي جي شڪار ۽ ان جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته دهشتگردي جي متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار پاڪستان جي پرخلوص قومي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿو، پاڪستان دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي جنهن جي هر عمر جي شهري، هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پهرين صف ۾ رهندي ان برائي جي خلاف جنگ ڪئي، دهشتگردي جي ناسور کي پاڪستان بحيثيت قوم وڏي بهادري، عزم ۽ همٿ ۽ قربانيون ڏئي شڪست ڏني آهي، دهشتگردي ۽ دهشتگردي جا واقعا پاڪستان جي قومي غيرت ۽ اسان جي امن ۽ خوشحالي جي عزم کي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ڪمزور نه ڪري سگهيا. وزيراعظم ياد ڏياريو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪندي نه رڳو 90 هزار قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪيو پر اسان جي ملڪي معيشت کي پڻ خاطرخواهه نقصان کڻڻو پيو، پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۽ هر شهر ۾ ڪو نه ڪو رستو، بازار ۽ اسڪول دهشتگردي جي ڪنهن واقعي ۽ متاثرين جي داستان ٻڌائي ٿو. هن چيو ته جتي دهشتگردي جو شڪار پاڪستاني معاشرو پنهنجي قربانين ۽ مصيبتن تي ڏکويل آهي، اتي پنهنجي بهادري جي داستان تي ڳاٽ فخر سان اونچو به آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان نسل ان عزم سان وڏو ٿي رهيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ قومي قدرن جي حفاظت هر شهري جو اهم قومي فرض آهي، پاڪستان حڪومت، صوبائي حڪومتون، سمورا شهري، قانون لاڳو ڪندڙ ۽ انٽيلي جنس ادارا، پوليس ۽ هٿياربند فوج سان گڏ بيهي برائي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪاميابي سان آپريشن ضرب عضب، رد الفساد ۽ بي شمار انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز جي ذريعي دهشتگردن جي ارادن کي شڪست ڏني. هن چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري انٽيلي جنس ادارن پيشيواراڻي مهارت کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ کي بي شمار دهشتگردي جي واقعن کان بچايو آهي، اڄ اسان بحيثيت قوم جتي دهشتگردي جي شڪار متاثرين ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا اتي دهشتگردي کي منهن ڏيندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان دهشتگردي جي خلاف اسان جي جامع حڪمت عملي جي بهترين عڪاسي ڪري ٿو، اهو پلان نه رڳو دهشتگردي کي زميني هٿياربند آپريشنز پر ٻين قدمن جن ۾ شدت پسندي جي خلاف نظرياتي، انتظامي، اداراجاتي ۽ بيانيي جو محاذ شامل آهي، جي حوالي سان اسان جي ٺوس حڪمت عملي جو مظهر آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌي پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت آهي.
