لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پي پي پي جي باني قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي موڀي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو طرفان نئين پارٽي ٺاهڻ کان اڳ لاڙڪاڻي مان عوامي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٽيم جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو يوٿ لاڙڪاڻو طرفان ضلعي آرگنائيزر شهباز ڀٽو، ولي محمد لاهوري ۽ عاقب ڪاٺيو طرفان جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي مان ۾ شهر جي سمبارا هوٽل ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي، جاويد لاهوري، صدام جيسر، سرفراز کوکر، صدام جتوئي سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نوجوانن طرفان جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي امام ضامن ٻڌي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ، ٽوپي، گلن جا هار، بوسڪي پٽڪو جا تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته لاڙڪاڻي جا نوجوان بهتر ڪم ڪري رهيا آهن جي نوجوانن جو ٿورائتو آهيان انهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهان، منهنجي ڏاڙهي اڇي ٿي آهي پر مان اڃان نوجوان آهيان ڇاڪاڻ منهنجي منهنجي عمر 35 سال آهي تنهن ڪري مان نوجوانن ۾ شامل آهيان تنهن ڪري مان پهريون ڀيرو نوجوانن جي تنظيم ۾ ميمبرشپ وٺي رهيو آهيان. هن چيو ته مان جڏهن پاڪستان آيو هيس ته ان ڏينهن کان وٺي نوجوان مون سان گڏ آهن، مان نوجوانن جو به احترام ڪيان ٿو، نوجوانن سان گڏجي اڳتي هلي اسان جي جنگ جاري رهندي. هن چيو ته الله تعاليٰ هميشه رستو ڏيکاريندو آهي ۽ انشاءَ الله رستو ڏيکاريندو به، مان چند سال اڳ چيو هو ته مان سياست ۾ حصو نه وٺندس، ڇاڪاڻ مان موروثي سياست جي خلاف هيس، مان دعا ٿو ڪيان ٿو ته توهان عوام ۽ نوجوانن مان وزيراعظم اچي، حقيقت اِها آهي ته هن استحصالي نظام نوجوانن آڏو ايتريون ته رڪاوٽون وڌيون هيون جو نوجوان بغير پئسن جي پنهنجا امتحان به پورا نه ٿا ڪري سگهن، لکين روپين جي بغير نوجوان يونيورسٽين جي اندر ويهي به نه سگهندا آهن، هتي صرف ڪرپٽ ماڻهو اچن پيا، هاڻي اسان انهن جي چهرن مان تنگ ٿي چڪا آهيون، اسان کي عوام، مزدورن، شاگردن ۽ نوجوانن جو راڄ کپي. هن چيو ته اسان کي الله تعاليٰ ۽ درياهه رستو ڏيکاريو، درياهه سنڌ چيو ته ڪير مون کي بچائيندو ۽ ڪير منهنجو غازي بڻجندو ڇاڪاڻ مان مري رهيو آهيان مون کي ڪو نه ڪو بچائي، هن وقت به سنڌو درياهه خطري ۾ آهي، اسان شهدادڪوٽ کان ڄامشورو، دادو، مورو ۽ چار اپريل لاڙڪاڻو ۾ عوام جي طاقت ڏيکاري ٻٻرلوءِ ۾ به پنهنجي طاقت ڏيکاري پنهنجي درياهه کي بچائي ورتو، هاڻي ٻاهريان ماڻهو هنن جي گرين انيشئيٽو پاڪستان منصوبي ۾ پيسو وجهڻ نه پيا چاهن، ڇاڪاڻ اسان هنن کي ڪري ڏيکاريو ته جيڪڏهن توهان ان ۾ سيپڙڪاري ڪندا ته اسان توهان جي منصوبي کي عوام جي طاقت سان ڪيرائي ختم ڪنداسين. هن چيو ته اسان نوجوانن کان پنهنجي پارٽي جي شروعات ڪري رهيا آهيون، هن ڀيري اسان جو تجربو ڪجهه مختلف ۽ الڳ آهي، هي نوجوان هڪ فوج وانگر بڻجي ويندا جيڪي اسان جا سپاهي آهن، هي نوجوان اسان جي مظلومن جا به سپاهي آهن، ڪنهن شخص مون کي چيو ته توهان جي سياسي سفر لاءِ گڊ لڪ يعني خوشنصيبي، مان کيس چيو ته سائين اسان کي گڊلڪ جي ضرورت ناهي، پاڪستان صرف گڊ لڪ تي هلي رهيو آهي، امير اميرن جي سياست ڪري رهيو آهي، هڪ ڪرسي تي ويهي ٿو ته ٻيو ان کي ڪرسي تان ڪيرائي ٿو ڇڏي، اسان کي اميرن جي سياست نه پر غريبن، مزدورن، هارين، شاگردن ۽ وڪيلن جي سياست ڪري عوام جي حقن لاءِ وڙهي پنهنجي جان به ڏينداسين ۽ منهنجي جان به پاڪستان لاءِ حاضر آهي، نوجوان اسان کي رستو ڏيکاريندا، مان هڪ عرض ٿو ڪيان ته اسان جا وڏا پاڻ ۾ گهڻو وڙهيا، اسان انهن جي ويڙهه مان مايوس ٿياسين ان مثال ۽ ويڙهه کي اڳتي کڻي نه هلو، نوجوانن متحد ٿين، اختلاف وسارين، اسان کي مساوات ۽ برابري گهرجي، پاڪستان، سنڌ ۽ لاڙڪاڻي، شاهه لطيف ڀٽائي جي نالي تي متحد ٿيو، اسان جو ڪم هر صوبي ۽ قبيلي کي جوڙڻ آهي. هن چيو ته جن سال 2022ع ۾ اِهو واعدو ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ٻيهر اهڙي قسم جي ٻوڏ ڪڏهن به نه ايندي، اُهي ڪٿي آهن؟ جن عالمي ادارن کان اربين ڊالر ورتا هئا ته جيئن هو پاڪستان جي عوام جو تحفظ ڪري انهن کي ٻوڏ کان بچائي سگهن اُهي پئسا ڪيڏانهن ويا؟ مون کي ٻڌايو زرداري صاحب!. هن چيو ته منهنجو والد مير مرتضيٰ غازي ۽ دانشور هو جيڪڏهن هو اڄ زندهه هجي ها ته پاڪستان بلڪل الڳ ملڪ هجي ها، اسين شهيد بابا جي جي نظريي کي اڳتي وٺي هلي رهيا آهيون جنهن ۾ نه صرف روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان پر ان سان گڏ بجلي ۽ گئس به شامل آهي. هن چيو ته نوجوان صحيح ڪم ڪري رهيا آهن پر سٺي شيءَ جان ۽ زندگي ڊگهي هجي ان لاءِ وقت لڳندو آهي تنهن ڪري توهان اسان سان گڏ صبر ڪيون اسان اهڙي مضبوط پارٽي ٺاهينداسين جنهن کي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي.
