ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جون کان وٺي موسمياتي تبديليءَ سبب پيل برساتن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي. خيبرپختونخوا ۾ 427، پنجاب ۾ 165، سنڌ ۾ 40، بلوچستان ۾ 22، آزاد ڪشمير ۾ 56 ۽ اسلام آباد ۾ 8 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ 198 ملي ميٽر مينهن سبب 3 ڄڻا ۽ 18 مال مويشي مري ويا. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ 19 آگسٽ تي سراسري طور 120 ملي ميٽر کان وڌيڪ مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. منگهوپير ۾ 246 ملي ميٽر، ڪورنگي ۾ 190، گلزارِ هجري ۾ 175 ۽ نارتھ ناظم آباد ۾ 149 ملي ميٽر برسات ٿي. هن چيو ته لڳاتار مينهن سبب شهرين کي اربن فلڊنگ ۽ ٽريفڪ جي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، جيڪڏهن برسات وقفي وقفي سان ٿئي ها ته ايترا مسئلا پيدا نه ٿين ها. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ ٿيل گهڻا فوتگي جا واقعا ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيا، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو نااهليءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪيترن علائقن ۾ 48 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي. ان جي باوجود بلدياتي ادارا، ميئر ۽ صوبائي انتظاميا روڊن تي موجود رهيا، نالن جي اڳواٽ صفائي ڪئي وئي هئي ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ هيوي مشينري به لڳائي وئي هئي. هن چيو ته عوام کي تڪليف پهچڻ جو اسان کي احساس آهي ۽ ان تي سنڌ حڪومت معذرت خواهه آهي، پر ڪجهه ميڊيا هائوسز باقاعدي منصوبا بنديءَ تحت حڪومت خلاف مهم هلائي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت تي اهي به ڌريون تنقيد ڪري رهيون آهن جن جي پنهنجن دورن ۾ معمولي برسات ۾ به سوين فوتگيون ٿيون ۽ شهر ڪيترائي ڏينهن تبا هيءَ جو شڪار رهيو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عام موڪل ڏني ۽ شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي، جڏهن ته موسميات کاتي مطابق برساتن جو سلسلو جلد ختم ٿي ويندو. هن چيو ته سڀني ٽائون چيئرمينن سٺو ڪم ڪيو ۽ اهڙن موقعن تي سياست ڪرڻ بجاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موسميات کاتي 19 آگسٽ تي وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي نه ڪئي هئي پر اوچتو اسپيل آيو. هن چيو ته صوبائي حڪومت، وزيراعليٰ کان وٺي سينيٽري ورڪرن تائين، ڏينهن رات متحرڪ رهي ۽ سڀني پنهنجو ڪم ڪيو. هن چيو ته اهڙن موقعن تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ يا سياسي دوڪانداري نه ٿيڻ گهرجي. فاروق ستار بابت سوال تي هن چيو ته گڏ ويهڻ ۾ ڪو اعتراض ناهي، پر سندس پراڻو وتيرو رهيو آهي ته هو هميشه تنقيد ڪري ٿو. جيڪڏهن اڄ کيس بلدياتي ادارن جي فڪر هئي ته پوءِ اليڪشن جو بائيڪاٽ ڇو ڪيو؟ ايم ڪيوايم ۾ ڪجهه ماڻهو رڳو پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيکارڻ لاءِ بيان ڏين ٿا. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2022 واري ٻوڏ اهڙي ھُئي جو صوبي جو ڪو به حصو خشڪ نه بچيو هو، پر حڪومت ڪجهه ڪلاڪن ۾ صورتحال بهتر ڪئي. هن چيو ته ڊرينيج جو نظام پراڻي ڊيزائن تي آهي، وزير اعليٰ يا ميئر ڪراچي ڪوبھ ھُجي ھا ڊرينيج اُنھن پراڻن رستن تان ئي ٿئي ھا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو شهرين کي مايوس ڪيو، ڪيترن علائقن ۾ 48 ڪلاڪن تائين بجلي بند رهي. تنهن هوندي به مرتضيٰ وهاب هر هنڌ موجود رهيو. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ به موسمياتي تبديلي سبب سنگين حالتون پيدا ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن خدا نخواستھ ڪلائوڊ برسٽ ٿيو ته حالتون ان کان به وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون.
