نڪور خبرون
Home / سنڌ / نمرتا ڪيس سلجهي نه سگهيو، نادرا رپورت پوليس کي ملي وئي

نمرتا ڪيس سلجهي نه سگهيو، نادرا رپورت پوليس کي ملي وئي

لاڙڪاڻو(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پوليس طرفان نمرتا جي هاسٽل روم مان غير معياري سيمپلز وٺڻ ۽ هڪ مهيني تائين پاڻ وٽ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نادرا چيو آهي ته هر ممڪن حد تائين ڪوشش ڪرڻ باوجود غير معياري سيمپلز 11 سڃاڻپ ڪارڊز سان ميچ نه ٿي سگهيا. لاڙڪاڻو پوليس کي نادرا جي رپورٽ ملي وئي آهي. نادرا اختيارين آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان اُماڻيل فنگر پرنٽس جي سيمپل جي رپورٽ اُماڻي ڇڏي آهي. اُن حوالي سان نادرا طرفان لاڙڪاڻو پوليس ڏانهن موڪليل ليٽر  منظر عام تي اچي ويو آهي. 14 نومبر تي جاري ٿيل ليٽر ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان 16 آڪٽوبر تي اُماڻيل فنگر پرنٽس جي نمونن جو حوالو ڏنو ويو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس طرفان جيڪي فنگر پرنٽس مهيا ڪيا ويا، اُنهن کي آٽوميٽيڊ فنگر پرنٽس آئيڊنٽيفڪيشن سسٽم  ذريعي هر ممڪن حد تائين ڀيٽڻ  جي ڪوشش ڪئي وئي، پر فنگر پرنٽس معيار تمام خراب هو، تنهن ڪري اهي لاڙڪاڻو پوليس طرفان اُماڻيل 11 سڃاڻپ ڪارڊز سان ميچ نه ٿي سگهيا. نادرا اختيارين رپورٽ سان گڏ اُهي 11 سڃاڻپ ڪارڊز به لاڙڪاڻو پوليس کي واپس موڪلي ڇڏيا. پوليس هڪ مهينو دير سان غيرمعياري فنگرپرنٽس موڪليا

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے