اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ڪيش ليس ۽ ڊجيٽل معيشت لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪيش ليس ۽ ڊجيٽل معيشت بابت/ هڪ جائزو اجلاس ٿيو. وزيراعظم ڪيش ليس معيشت ڏانهن کنيل قدمن ۽ پيش رفت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. شهباز شريف چيو ته حڪومت معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ٽرانزيڪشن سسٽم کي ڪيش ليس ۽ ڊجيٽل سسٽم ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڀئي چيف سيڪريٽريز وفاقي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته راسٽ سسٽم کي ضلعي حڪومتن جي سطح تائين وٺي وڃن. ان موقعي تي اجلاس کي ڪيش ليس معيشت لاءِ کنيل قدمن تي پيش رفت بابت بريفنگ ڏني وئي ته ڊجيٽل آئي ڊيز پاڪستان ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر ذريعي ٺاهيا ويندا، جنهن ۾ هر شخص جي قومي سڃاڻپ ڪارڊ، بايو ميٽرڪس ۽ موبائل فون نمبرن بابت معلومات هوندي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل ادائيگيون انهن ڊجيٽل آئي ڊيز ذريعي ڪري سگهجن ٿيون، ۽ صوبائي حڪومتن عوام کي حڪومت سان ۽ حڪومت کي عوامي ادائيگي جي نظام کي سڌو سنئون ڳنڍڻ ۾ اهم ترقي ڏيکاري آهي. ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي تعمير جي حوالي سان، وفاقي ترقياتي ايجنسي فائبر ڪنيڪٽوٽي لاءِ رستو اختيار ڪيو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان پاڪستان ريلوي ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سان ڳالهيون جاري آهن.