پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته متاثرين جي مدد ڪرڻ اسان جو حق آهي، اميد آهي ته وفاق به پنهنجي ذميواري پوري ڪندو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو، سوات ۾ هر کاتو بچاءُ آپريشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته آبادين کي پاڻي مان ڪڍي ٻين هنڌن تي آباد ڪيو ويندو، وزيراعظم ۽ وزيرن ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي ۽ تعاون جي آڇ ڪئي آهي، کيس خلوص دل سان اميد آهي ته وفاق پنهنجي ذميواري پوري ڪندو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته تجاوزات اڄ کان شروع نه ٿيون آهن پر ڪيترن ئي سالن کان جاري آهن، تجاوزات جي حوالي سان ڪنهن کي به رعايت نه ڏني ويندي، ڊيرا اسماعيل خان ۾ تجاوزات خلاف هڪ مثالي آپريشن ڪيو ويو آهي، سڄي صوبي ۾ ڊي آءِ خان وانگر تجاوزات خلاف آپريشن ڪيو ويندو. علي امين گنڊاپور چيو ته شهري حددخلين ۽ تجاوزات کان پاسو ڪن ۽ حڪومت سان تعاون ڪن. حڪومت متاثرين جي سڀني نقصانن جي تلافي ڪندي. متاثرين جي مدد ڪرڻ اسان جو حق آهي، ۽ وفاق به ذميوار آهي. هن چيو ته بونير ۾ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو. خيبرپختونخواهه جي ماڻهن کي مطمئن ٿيڻ گهرجي. وفاق مدد ڪري يا نه، اسان وٽ وسيلا آهن. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته منهنجا سڀئي پارليامينٽرين متاثر علائقن جو دورو ڪري رهيا آهن. مون کي ان حوالي سان هڪ وڊيو ملي رهي آهي. علي امين گنڊاپور چيو ته تنقيد ڪرڻ بدران بچاءُ ڪندڙن جي تعريف ڪرڻ گهرجي. ڪمشنر ۽ ڊي سي پاڻ متاثر علائقن ۾ مدد ڪري رهيا آهن. ٻوڏ فطرت جو امتحان آهي. جڏهن پاڻي کي جاءِ نه ملندي آهي ته اهو ٻاهر نڪري ايندو آهي ۽ وڌيڪ نقصان پهچائيندو آهي. هن چيو ته بادل ڦاٽڻ جي حوالي سان جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي ويندي. فوج به اسان سان تعاون ڪري رهي آهي. فوج پاران اسان کي 2 وڌيڪ هيليڪاپٽر ڏنا ويا آهن.