بريڪنگ نيوز

پاڪستان کي آزاد رکڻ لاءِ هر ڏهاڙي فوجي آفيسر، جوان ۽ شهري قربانيون ڏئي رهيا آهن: پاڪ فوج

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري آءِ ايس پي آر جي انتظام هيٺ جاري انٽرنشپ پروگرام ۾ شامل شاگردن سان خاص ويهڪ ڪئي، ان دوران پاڪستان خاص ڪري بلوچستان جي حوالي سان معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊي جي آءِ ايس پي آر بلوچستان سان تعلق رکندڙ شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب پڻ ڏنا. بلوچستان ۾ دهستگردي خلاف وڏي آپريشن جي مطالبي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه وڌي وئي آهي ته بلوچستان جي عوام ۽ نوجوانن ۾ پاڪستان لاءِ ڪجهه غلط ڳالهيون ويهي ويون آهن، بلوچستان جو عوام پاڪستان ۽ صوبي وچ ۾ لاڳاپن کي چڱي طرح سمجهي ٿو. هن چيو ته ميجر محمد انور ڪاڪڙ شهيد اسان جو تمام شاندار آفيسر ۽ هن ڌرتي جو عظيم سپوت هو، ميجر محمد انور ڪاڪڙ اڳ به پي سي هوٽل گوادر حملي ۾ ڪيترن ئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان کي آزاد رکڻ لاءِ هر ڏهاڙي فوجي آفيسر، جوان ۽ شهري قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڪنهن به علائقي ۾ آپريشن ان وقت ٿيندو آهي جڏهن عوام پاڻ دهشتگردن جي نشاندهي ڪري، ايئن ناهي ته فوج ڪنهن علائقي کي خالي ڪرائي، آپريشن ڪري، جڏهن فوج واپس ويندي ته دهشتگرد وري ايندا. هن چيو ته اسان کي وڏي سمجهداري سان سڀ ڪجهه ڪرڻو پوندو، ان لاءِ ان کي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جو نالو ڏنو ويندو آهي. هن چيو ته فوج جي ان ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ته هو دهشتگردي جي نالي تي معصوم عوام جون حياتيون کسي، جيڪڏهن ڪو شهري دهشگردن کي پناهه ڏيندو يا گهر ۾ بارودي مواد رکندو ته ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا. هن چيو ته اسان کي بلوچستان جي عوام ۽ انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ منصوبا سازن کي پڻ سامهون آڻڻو پوندو. هڪ شخص جي دهشتگردي جي سزا پوري علائقي يا پوري ڳوٺ کي نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف اتان جي عوام کي اٿڻو پوندو ۽ اٿيو به آهي، بلوچستان جو عوام هاڻي ٻڌائي رهيو آهي ته هتي دهشتگرد آهن يا انهن جا سهولتڪار آهن، بلوچستان جو عوام به انهن دهشتگردن مان تنگ ٿي چڪو آهي، اوهان بلوچستان وڃو ۽ ڏسو ته بلوچ عوام ڪيتري قدر سمجهدار ۽ دورانديش آهي. هن چيو ته ڪيترائي مثال سامهون آياس آهن ڪيترائي بلوچ ٻار پڙهيل آهن ۽ هو پنهنجي علائقي ۽ پنهنجي تقدير جا مالڪ بڻجي چڪا آهن. ڪيمبرج يونيورسٽي مان بلوچستان جو بهترين سائنسدان صمديار جنگ بليده اسڪول مان پڙهيل آهي، شاهه زيب رند پڻ بلوچستان سان تعلق رکي ٿو ۽ اڄ پنهنجي تقدير جو مالڪ آهي. بلوچستان جون نياڻيون هن وقت مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي مقرر آهن. هن چيو ته پاڪستان سمورن لساني ۽ علائقائي شين کان هٽي ڪري ڪلمي طيب جي بنياد تي قائم ٿيو. اسان جي نبي صلي الله عليه وسلم جن فرمايو هو ته ڪنهن عجمي کي عربي، ڪنهن عربي کي عجمي، ڪنهن گوري کي ڪاري يا ڪنهن ڪاري کي گوري تي فضيلت حاصل ناهي. هن چيو ته بلوچستان جي آبادي 15 ملين آهي، ان ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو بلوچستان ۾ نه پر پاڪستان جي ٻين حصن ۾ رهندڙ آهن، بلوچستان ۾ سڀئي بلوچ ناهن، انهن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ پختون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته جيترا بلوچ بلوچستان ۾ رهن ٿا ان کان وڌيڪ سنڌ جي قبائلي ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ رهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جو مطلب لااله الا الله اوهان جي اندر ۾ سمائجي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪلمي جي بنياد تي ٺهيو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے