پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ سخت ٻوڏ ۾ 307 ماڻهو فوت جڏهن ته 23 زخمي ٿي پيا آهن. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي خيبرپختونخوا طرفان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ جاني ۽ مالي نقصانن جي شروعاتي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ مطابق گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 307 ماڻهو فوت ۽ 23 زخمي ٿي پيا آهن، فوت ٿيل ماڻهن ۾ 279 مرد، 15 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ 17 مرد، 4 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن. برساتن ۽ خطرناڪ ٻوڏ سبب هن وقت تائين مجموعي طور تي 74 گهرن کي نقصان پهتو آهي جن ۾ 63 گهرن کي جزوي نقصان جڏهن ته 11 گهر مڪمل ڊگهي چڪا آهن. پي ڊي ايم اي موجب شديد برسات جو موجوده سلسلو 21 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جا امڪان آهن. اين ڊي ايم اي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته وزيراعظم جي هدايت موجب اين ڊي ايم اي خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت ۽ پي ڊي ايم اي کي مڪمل سهڪار فراهم ڪري رهي آهي. اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت کي امدادي سامان فراهم ڪري رهي آهي. گذريل شام اين ڊي ايم اي جي چيئرمين وزيراعظم کي سمورري صورتحال تي بريفنگ ڏني هئي. ترجمان چيو ته اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل سول ۽ عسڪري ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي. اين ڊي ايم اي سمورن لاڳاپيل ادارن طرفان جاري امدادي ڪارروائين جي هر وقت نگراني ڪري رهي آهي. هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ادارا قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته اترئين علائقن ۾ امڪاني برساتن جي صورت ۾ مٽيءَ جي ڇپن جي واقعن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. برسات ۽ ٻوڏ دوران محتاط رهڻ ۽ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اين ڊي ايم اي سياحن کي گذارش ڪئي آهي ته ايندڙ 5 کان 6 ڏينهن تائين اترئين علائقن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. سخت برساتن، ٻوڏ، مٽيءَ جي ڇپن ڪرڻ ۽ کنوڻ سبب تازن واقعن ۾ 214 ماڻهو خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون ٿيون آهن. ڪي پي ڪي جي مختلف ضلعن ۾ برساتن جي نتيجي ۾ 21 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن. تازن واقعن ۾ 55 ماڻهو گم به ٿي ويا آهن جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. متاثر علائقن ۾ پي ڊي ايم اي سميت پاڪ آرمي، ضلعي انتظاميه، ريسڪيو1122 ۽ مقامي رضاڪار امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.
