بريڪنگ نيوز

مريم نواز جو علي امين گنڊاپور سان ٽيليفونڪ رابطو، جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ٽيليفون ڪري ٻوڏ سبب صوبي ۾ ٿيل مالي ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ عوام جي مدد لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز علي امين گنڊاپور سان ٽيليفون تي ڳالهين جي دوران خيبرپختونخواهه ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس ۽ متاثر خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ريسڪيو هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ شهادتن تي تعزيت به ڪئي. مريم نواز چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنجاب حڪومت جي سمورن وسيلن خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ عوام جي ڊسپوزل تي آهن. پنجاب جا رهواسي پنهنجي خيبرپختونخواهه جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. هن پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طرفان به شهادتن تي تعزيت ڪئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پنجاب جي وزيراعليٰ کي فون ڪرڻ ۽ تعزيت تي ٿورو ادا ڪيو. علي امين گنڊاپور پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان خيبرپختونخواهه جي عوام جي ڀرپور مدد جو يقين ڏيارڻ تي ٿورو به ادا ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے