بريڪنگ نيوز

خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، آزادي ۽ خودمختياري تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪنداسين: فيلڊ مارشل

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جشن آزادي جي موقعي تي سروسز چيفس فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا قوم کي مبارڪباد ڏني آهي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته  اهو ڏينهن اتحاد، ثابت قدمي ۽ روشن مستقبل جي گڏيل وزن سان جڙيل هجڻ جو نشان آهي، اسان انهي ڏينهن تي پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا آءِ ايس پي آر موجب قائداعظم جي ولوله انگيز اڳواڻي ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون ويون، هٿياربند فوج جي اڳواڻن کي عقيدت سان خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. بطور محافظين ملڪي سلامتي، پاڪستان جي خودمختاري جي حفاظت جو ارادو ڪريون ٿا آءِ ايس پي آر چيو ته هٿياربند فوج علاقائي سالميت جي تحفظ، آئين جي پاسداري جو پڪو ارادو ڪري ٿي، هٿياربند فوج ۽ عوام جي وچ ۾ اڻٽٽ رشتو اسان جي گڏيل طاقت جو بنياد آهي. اچو يوم آزادي جي موقعي تي انهي پڪي ارادو جو اظهار ڪريون ٿا ته امن، ترقي ۽ اتحاد لاءِ هميشه اڳيان رهنداسين فيلڊ مارشل عاصم منير سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان آزادي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏيندي چي آهي ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، جنگي تياري تي مڪمل اعتماد آهي، سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين.آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير آزادي ڏهاڙي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته پنهنجي بزرگن، ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، اقليتي برادري به اڄ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پاڪستان وڏي جاني ۽ مالي قيمت ادا ڪئي.هن چيو ته آزادي جي جدوجهد سميت معرڪا حق جي شهيدن کي سلام پيش ڪيان ٿو، پاڪستان والاريل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ڪشميرين کي سندن حق ڏيڻ مسئلي جو واحد، منصفاڻو ۽ پائيدار حل آهي، عالمي برادري فلسطينين جي حقن جي تحفظ لاءِ به فوري طور کڻي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، جنگي تيارين تي مڪمل اعتماد آهي، سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پاڪ فوج خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ پنهنجي آزادي ۽ خود مختياري تي ڪڏهن سوديبازي نه ڪنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے