بريڪنگ نيوز

اڄ جو ڪراچي بلاول ڀٽو جو ڪراچي آهي ۽ عوام مڪمل اعتماد ظاهر ڪري رهي آهي: مرتضىٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر ) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضىٰ وهاب ضلع ڪورنگي ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سٽي ڪائونسل ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، سٽي ڪائونسل جي ميمبرن، مختلف يوسيز جي چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ عوام به موجود هئي.ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضىٰ وهاب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪورنگي جي عوام لاءِ جديد ۽ پائيدار روڊن جي تعمير جو سلسلو جاري رهندو. يو سي 35 جي وارڊ 1 ۽ 2 ۾ سي سي ٽف پڪا بلاڪ وڇائڻ جو ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو، جنهن تي 237 ملين رپين جو خرچ ايندو. هن منصوبي تحت 3 لک اسڪوائر فٽ پيوَر بلاڪ وڇايا پيا وڃن ته جيئن عوام کي معیاري سفري سهولتون فراهم ٿي سگهن.هن وڌيڪ چيو ته 5 هزار رننگ فٽ ڪرب بلاڪ لڳائڻ سان روڊن جي معيار ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. برساتي پاڻي جي نيڪالي لاءِ مختلف سائزن جا آر سي سي پائپ لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته 110 نوان مين هول تعمير ڪري سيويريج سسٽم ۾ نمايان سڌارا آندا پيا وڃن.ميئر ڪراچي چيو ته عوام جي سهولت ۽ شهر جي ترقي اسان جي پهرين ترجيح آهي. ڪورنگي جو انفرااسٽرڪچر جديد بنيادن تي ٺاهيو پيو وڃي ۽ عوام لاءِ وڌيڪ منصوبا جلد شروع ڪيا ويندا. "وسيلن ۾ تبديلي نه آئي، قيادت بدلي آهي، تنهنڪري ڪراچي بدلجي رهي آهي. اڄ جو ڪراچي بلاول ڀٽو جو ڪراچي آهي ۽ عوام پاڪستان پيپلز پارٽي تي مڪمل اعتماد ظاهر ڪري رهي آهي.”هن چيو ته اسان بي پرواهه ۽ بي تعصب خدمت جو جذبو کڻي ميدان ۾ نڪتا آهيون. اسان اهو نه ٿا ڏسون ته ڪهڙي يوسي ڪنهن جي آهي، جتي ڪراچي جا شهري رهن ٿا، اتي بلاول ڀٽو جي پارٽي ڪم ضرور ڪندي. اسان ڪورنگي وارن جي خدمت کي وسيلي طور ڏسون پيا ۽ عوام جي خدمت لاءِ پورو جذبو رکون پيا.ميئر چيو ته ماضي ۾ جن ماڻهن تعصب ۽ بوري بند لاشن جي سياست ڪري شهر کي تباه ڪيو، اسان انهن جي ابتڙ ڪم ڪري رهيا آهيون. "جيڪڏهن اسان جي ڪم سان ڪنهن کي جلن ٿئي ٿي ته ٿئي، اسان ڪراچي جي هر علائقي ۾ ڪم ڪري ڏيکاري ڇڏينداسين.”هن چيو ته ماضي ۾ 162 ارب ۽ 1100 ارب رپين جا واعدا ڪيا ويا، پر ميدان تي ڪجهه نظر نه آيو. "اسان صرف واعدا نه ڪيا، پر عملي قدم کنيا آهن. ڪورنگي ۾ ترقياتي منصوبن جا ٽينڊر جاري ٿي ويا آهن ۽ اهي هن مالي سال اندر مڪمل ڪيا ويندا.”هن چيو ته ڪورنگي پيپلز پارٽي جو آهي ۽ رهندو، اسان شفافيت سان ڪم ڪنداسين. هن مالي سال ۾ 2.5 ارب رپين جي لاڳت سان 8.25 لک اسڪوائر فٽ پيوَر بلاڪ لڳايا ويندا، جن سان ڪچيون گهٽيُون پڪيون ڪيون وينديون.ميئر چيو ته اسان ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ عوام کي ڪم ٿيندي نظر به ايندو. هڪ لک 10 هزار رننگ فٽ سيويريج پائپس تبديل ڪيا ويندا، جڏهن ته 26 لک 46 هزار اسڪوائر فٽ تي روڊن جي ڪارپيٽنگ ڪئي ويندي. "اسان بي خوف، بي تعصب ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻڌايو ته ڇا ماضيءَ ۾ ڪڏهن ايتري وڏي پيماني تي ڪم ٿيو؟””جيڪڏهن وزيراعظم به جيالو ٿيو ته اسان سڄي پاڪستان ۾ مثالي ترقياتي ڪم ڪري ڏيکاري ڇڏينداسين.”ميئر چيو ته ڪراچي اهو شهر آهي جنهن خلاف هميشه منفي پروپيگنڊا ڪئي وئي، مايوسي وڪرو ڪئي وئي ۽ ان ذريعي ڪجهه خاص گروهن عوام کي تباه ڪيو. هن چيو ته 22 سالن بعد ڪراچي جي پاڻي جي انفرااسٽرڪچر لاءِ نئين حب ڪينال جو منصوبو مڪمل ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪيو، اهو قدم انهن ماڻهن لاءِ تماچو آهي جيڪي صرف واعدا ڪندا رهيا.هن چيو ته ڪي فور منصوبو پنج دفعا افتتاح ٿيو، پنج مختلف وزيراعظمن ۽ ليڊرن دعويٰ ڪئي، پر عملي ڪم نظر نه آيو. "اڄ اوهان جو جيالو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر نئين حب ڪينال تي ڪم مڪمل ڪري چڪا آهن، جنهن سان پاڻي جي فراهمي بهتر ٿي رهي آهي.””ڪي فور منصوبي جي جيڪو حصو اسان جي حڪومت جي ذميواري آهي، ان تي به عملي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.”ميئر چيو ته 16 هزار روڊ، جيڪا اڳ ڪڏهن نه ٺهي، اها هن پنهنجي ايڊمنسٽريٽر واري دور ۾ مڪمل ڪرائي، اها هڪ مرڪزي سڙڪ آهي ۽ هاڻي پيپلزپارٽي اندروني گهٽين ۾ به ترقياتي ڪم ڪري رهي آهي.هن چيو ته ضلع ڪورنگي ۾ پيپلزپارٽي جي تحت اسپيشل ٻارن لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتي مفت علاج، تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي وڃي ٿي. ان کانسواءِ وزيراعليٰ سنڌ ۽ وزير صحت جي مدد سان چائلڊ هيلٿ سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀئي سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن.ميئر ڪراچي ٻڌايو ته "جام صادق علي فلائي اوور جو چار لين منصوبو تيزي سان جاري آهي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ عوام لاءِ کوليو ويندو. ڪورنگي ڪاز وے جو ڪم به آخري مرحلن ۾ آهي ۽ اهو 15 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪيو ويندو.”هن چيو ته انڊس اسپتال کي سنڌ حڪومت هر سال اربين رپيا فراهم ڪري ٿي ته جيئن عوام کي سٺو علاج ملي. 12 هزار روڊ، 8 هزار روڊ جي تعمير سان گڏ عظيم پورا فلائي اوور کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو.ميئر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو واعدو هو ته موقعو مليو ته ڪم ڪري ڏيکارينداسين. "اڄ اسان ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن تي عمل ڪري رهيا آهيون، شهر بهتر ٿي رهيو آهي، ترقي جي راهه تي گامزن آهي ۽ ايندڙ وقت ڪراچي، سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ روشن هوندو.”ميئر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪراچي جي ستن ئي ضلعن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهي، عوام کي جلد بهتري نظر ايندي.اسٽيل مل انتظاميا جي پاڻي جي ڪنيڪشن ڪٽڻ واري قدم تي سخت تنقيد ڪندي هن چيو ته اسٽيل مل جي سي اي او ان علائقي ۾ واٽر ڪنيڪشن بند ڪيو آهي، جنهن سان اتي پاڻي جي فراهمي تي اثر پيو آهي.ميئر چيو ته "وفاقي وزير، ايم ڪيو ايم جا وزير هن معاملي تي ڇو خاموش آهن؟ جماعت اسلامي وارا ان تي پريس ڪانفرنس ڇو نٿا ڪن؟ جيڪڏهن قبلو درست نه ٿيو ته واٽر بورڊ جون لائنون پاڻ اسٽيل مل تائين وٺي وينداسين.”هن چيو ته گورنر صاحب سياست نٿا ڪري سگهن، هو ڪنهن سياسي جماعت جو جهنڊو نٿا کڻي سگهن. گورنر صاحب کي ‘پاڪستان زنده باد’ چوڻ گهرجي، ڪنهن مخصوص پارٽي جي نمائندگي نه ڪرڻ گهرجي. ٿي سگهي ٿو هو پاڻ کي "ڀائي” سمجهي ويٺو هجي.وزيراعظم کي هن معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن خيبرپختونخوا جي موجوده صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم ان بابت وزيراعليٰ ڪي پي سان رابطو ڪيو آهي.آخر ۾ ميئر چيو ته ڪراچي ۾ نالن جي صفائي جو ڪم بلديه عظميٰ ڪراچي ڀرپور طريقي سان ڪري رهي آهي. "اسان عوام جي وچ ۾ رهي، انهن جي خدمت جاري رکنداسين ۽ شهر کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.”

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے