اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قوم هن سال جشن آزادي سان گڏ معرڪه حق جي تاريخي فتح جو جشن پڻ ملهائي رهي آهي، معرڪه حق 2025ع تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيو ويندو، انفارميشن وار فيئر ۾ اطلاعات واري وزارت جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پاڪستان پنهنجو ڪيس ڀرپور انداز ۾ عالمي سطح تي پيش ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مئي ۾ معرڪه حق حقيقت بڻجي دنيا آڏو اڀريو، دشمن پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان تي جارحيت مڙهي ۽ فالس فليگ آپريشن جي ذريعي پاڪستان جو تشخص مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج بهترين جنگي حڪمت عملي سان دشمن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته هن سال جشن آزادي سان گڏ معرڪه حق جي تاريخي فتح جو جشن پڻ ملهايو پيو وڃي، الله تعاليٰ اسان کي اها توفيق ڏني ته اسان نه رڳو آزادي جو تحفظ ڪيو پر پوري دنيا کي اهو پيغام پهچايو ته پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج پنهنجي آزادي جو دفاع ڪرڻ ڄاڻين ٿا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ان معرڪه ۾ انفارميشن وار فيئر پڻ وڙهي وئي جنهن ۾ اطلاعات واري وزارت منفرد ۽ موثر ڪردار ادا ڪيو، ڊيجيٽل وار فيئر ۾ قوم جو حوصلو بلند رکڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو بيانيو اجاگر ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح هئي، اهو هڪ اهڙو باب آهي جيڪو جڏهن به تاريخ ۾ لکيو ويندو ته سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ دوران پي ٽي وي تان نشر ٿيندڙ ملي نغمن فوج جو مورال بلند ڪيو، قوم کي متحد ڪيو ۽ اطلاعات واري وزارت جون خدمتون اڄ به تاريخ جو روشن حصو آهن، وقت سان گڏ بيانيي جي جنگ ۾ ارتقا آيو ۽ هن ڀيري پڻ اطلاعات واري وزارت ۽ پي ٽي وي موثر ڪردار ادا ڪيو، فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه جو ٽوڙ ڪيو ۽ عالمي سطح تي قومي بيانيي کي وڌايو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڀارت اسان جا يوٽيوب چينلز بند ڪيا ته جواب ۾ اسان انهن جي يوٽيوب چينلز تي ملي نغما هلايا، اهو انفارميشن وار فيئر جو هڪ حصو هو، اسان انٽرنيشنل ميڊيا تي به پاڪستان جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. هن چيو ته ان ڪاميابي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي رهنمائي، پي ٽي وي جي ٽيم ۽ اطلاعات واري وزارت جي سمورن شعبن جون گڏيل ڪوششون شامل آهن، اطلاعات واري سيڪريٽري عنبرين جان ۽ سندس ٽيم ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو ۽ پي ٽي وي ورلڊ تي خصوصي پروگرام شروع ڪيا، ملي نغما ۽ دستاويزي فلمون نشر ڪيون جن عوام جو جذبو وڌايو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته معرڪه حق 2025ع تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ انفارميشن وار فيئر ۾ پي ٽي وي ۽ اطلاعات واري وزارت جو ڪردار سدائين ياد رکيو ويندو، هن آزادي جي ڏهاڙي تي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته انفارميشن وار فيئر جو اهو تسلسل جاري رکنداسين، پي ٽي وي کي ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارينداسين، سڌارن جو عمل جاري آهي، اسان صحيح رخ تي آهيون ۽ حڪومت جي سپورٽ سان ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته معرڪه حق تي اطلاعات واري وزارت ۽ پي ٽي وي جي ڪردار بابت جامع دستاويزي فلم تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن ايندڙ نسلن کي رهنمائي فراهم ڪري سگهجي. اطلاعات واري وزير ان موقعي تي اطلاعات واري وزارت ۽ پي ٽي وي جي ٽيم کي شاندار خدمتن تي خصوصي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، اطلاعات واري وزارت ۽ پي ٽي جا سينيئر عملدار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
