اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ جي آزادي جي 78هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سمورن پاڪستانين کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، هي ڏينهن اسان کي ان جرئت، اتحاد ۽ قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن جي ڪري اسان کي آزادي جي نعمت نصيب ٿي، هن سال آزادي جو وڏهاڙو وڏي افتخار ۽ هڪ تازه اميد سان ملهائي رهيا آهيون، تازو ئي اسان جي قوم ٻاهرئين جارحيت جي جواب ۾ پنهنجي طاقت، عزم ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، معرڪه حق ۽ آپريشن بُنيان مرصوص ۾ اسان جي فتح، اسان جي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهي، اها ڪاميابي اڻٿڪ قومي عزم، بي مثال پيشيواراڻي مهارت ۽ پوري قوم جي اتحاد جو ثبوت آهي. صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان آصف علي زرداري آزادي جي 78هين سالگرهه جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان پنهنجي عظيم قائد قائداعظم محمد علي جناح ۽ تحريڪ پاڪستان جي سمورن ڪارڪنن کيخراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جي ڪوششن ۽ قربانين ان خواب کي حقيقت بڻايو، هن سال اسان آزادي جو ڏهاڙو وڏي افتخار ۽ هڪ تازه اميد سان ملهائي رهيا آهيون. صدر چيو ته تازو ئي اسان جي قوم ٻاهرئين جارحيت جي جواب ۾ پنهنجي طاقت، عزم ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، معرڪه حق ۽ آپريشن بُنيان مرصوص ۾ اسان جي فتح اسان جي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهي. صدر چيو ته اها ڪاميابي اڻٿڪ قومي عزم، بي مثال پيشيواراڻي مهارت ۽ پوري قوم جي اتحاد جو ثبوت آهي. صدر چيو ته ڀارت جي بنا جواز جارحيت جي جواب ۾ اسان تحمل، حڪمت ۽ ڀرپور قوت سان پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪيو، دنيا ڏٺو ته پاڪستان امن چاهي ٿو، پر پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته اها فتح اسان جي عوام جي لاءِ نئين اعتماد جو ذريعو بڻي آهي، ان قوم جا حوصلا بلند ڪيا، ادارن تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ پاڪستان جي عالمي مقام کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. صدر چيو ته اڄ دنيا پاڪستان کي هڪ اهڙي ملڪ جي طور تي ڏسي ٿي جيڪو امن جو خواهشمند آهي پر دٻاءُ جي اڳيان نه ٿو جهُڪي، پر اهو لمحو رڳو عسڪري ڪاميابي نه آهي، پر ان ڳالهه جي پڻ ياد ڏياري ٿو ته جڏهن اسان متحد ۽ هڪ گڏيل مقصد جي لاءِ پرعزم ٿيون ته اسان هر شعبي ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته هاڻي اسان کي انهي جذبي کي پنهنجي معاشي بحالي، تعليمي سڌارن، ٽيڪنيڪي ترقي، اداراجاتي سڌارن ۽ ماحولياتي تحفظ طرف لڳائڻو پوندو، اهوئي نظم، جرئت ۽ حڪمت جيڪا ڀارت جي خلاف تازي ڪاميابي جو سبب بڻي، اسان کي غربت جي خاتمي، عوام جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ هڪ منصفاڻو معاشرو قائم ڪرڻ ۾ پڻ ڪاميابي سان همڪنار ڪري سگهي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان ڏينهن اسان ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪريون ٿا، انهن جي جرئت، انصاف ۽ خودمختياري جي حق جي جدوجهد اسان جي دل جي ويجهو آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين کي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت فراهم ڪندو رهندو. صدر چيو ته اچو هن آزادي جي ڏهاڙي کي پنهنجي تاريخ جو هڪ نئون باب بڻائي ۽ پنهنجي اختلافن کي وساري هڪ اهڙي پاڪستان جي لاءِ متحد ٿيون جيڪو انصاف، برابري، ايمان ۽ خدمت خلق تي قائم هجي، الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي، آمين.
