بريڪنگ نيوز

آئين ۽ پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختاري تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين: بلاول

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوري استحڪام جي لاءِ 1973 جي آئين ۽ پاڪستان جي دفاع ۽ خودمختاري تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين.يوم آزادي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان جي عوام جي ثابت قدمي، اتحاد ۽ ناقابل تسخير جذبي جي ياد ڏياري ٿو. قائداعظم جي قيادت هيٺ اسان جي ابن ڏاڏن اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن کي  ناممڪن لڳندو هو.هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي باني جي وزن جي محافظ رهي آهي، جمهوري استحڪام جي لاءِ 1973 جي آئين ۽ پاڪستان جي ناقابل تسخير دفاع، خودمختاري تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين.پ پ چيئرمين چيو ته اڄ يوم آزادي جي موقعي تي مان هر پاڪستان خاص طور تي پنهنجي نوجوان نسل سان هڪ اپيل ڪريان ٿو ته اوهان ورهاست کان مٿانهون ٿي نفرت ۽ عدم برداشت کي رد ڪريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان هڪ پرامن، خوشحال ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريو ۽ عهد ڪريو ته اسان پنهنجي جمهوريت جو تحفظ ڪنداسين ۽  پنهنجي عوام کي بااختيار بنائينداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم سان حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي وفد جي اهم ملاقات

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے