بريڪنگ نيوز

جشن آزادي : ڪراچي ۾هوائي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا،70 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي 78هين جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.سموري ملڪ ۾ اڄ پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ 12 وڄندي ئي پوليس جي سخت وارننگ جي باوجود شهر ۾ هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي. گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي  ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب عزيز آباد بلاڪ 8 ۾ هوائي فائرنگ سبب 8 ورهين جي نينگري جڏهن ته ڪورنگي ساڍا 3 ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ اسٽيفن نالي شخص مارجي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب فائرنگ سبب زخمي ٿيل ماڻهن کي سول، جناح، عباسي شهيد ۽ جوهر ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب فائرنگ جي الزام ۾ 20 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جن کان هٿيار ۽ گوليون  هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ وڏن شاهراهن جي چوڌاري قائم عمارتن جي سجاوٽ شهر جو رنگ ڍنگ تبديل ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسلام آباد ۾ به چراغان جهڙو ماحول ڇانيل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے