بريڪنگ نيوز

جشن آزادي : ڪراچي ۾هوائي فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا،70 کان وڌيڪ زخمي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان جي 78هين جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.سموري ملڪ ۾ اڄ پاڪستان جي آزادي جو ڏهاڙو جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي ۾ 12 وڄندي ئي پوليس جي سخت وارننگ جي باوجود شهر ۾ هوائي فائرنگ شروع ٿي وئي. گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي  ويا جڏهن ته 70 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب عزيز آباد بلاڪ 8 ۾ هوائي فائرنگ سبب 8 ورهين جي نينگري جڏهن ته ڪورنگي ساڍا 3 ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ اسٽيفن نالي شخص مارجي ويو. ريسڪيو ذريعن موجب فائرنگ سبب زخمي ٿيل ماڻهن کي سول، جناح، عباسي شهيد ۽ جوهر ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب فائرنگ جي الزام ۾ 20 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن جن کان هٿيار ۽ گوليون  هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ وڏن شاهراهن جي چوڌاري قائم عمارتن جي سجاوٽ شهر جو رنگ ڍنگ تبديل ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسلام آباد ۾ به چراغان جهڙو ماحول ڇانيل آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے