بريڪنگ نيوز

9 مئي ڪيس: شاهه محمود بري، ياسمين راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌي کي 10، صنم جاويد کي 5 سال قيد جي سزا

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور  9 مئي شادمان ٿاڻي ۽ راحت بيڪري ۾ ڀڃ ڊاهه جي 2 ڪيسز جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمودالرشيد، اعجاز چوڌري کي 10-10 سال  قيد، عالميه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.دهشتگردي جي انت واري عدالت لاهور جي جج منظر علي گل 2 ڪيسز جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فيصلي ۾ عدالت شاهه محمود قريشي کي ٻنهي ڪيسز ۾ بري ڪري ڇڏيو. شاهه محمود قريشي کي شادمان ٿاڻي تي ڀڃ ڊاهه ۽  باهين، گهيراءُ پوليس جون گاڏيون ساڙڻ جي ڪيسز ۾ بري ڪيو ويو. عدالت پنجاب جي اڳوڻي گورنر سرفراز چيمه کي 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمودالرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو ويو.انهي کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي 5-5 سال قيد جي سزا ٻڌائي. عدالت شادمان ٿاڻي ۾ باهين جي ڪيس ۾ 12 جوابدارن کي بري ڪيو جڏهن ته 13 جوابدارن کي سزا ٻڌائي. عدالت راحت بيڪري جي ٻاهران باهيون، گهيراءُ ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي بري ۽ 7 جوابدارن کي سزا ٻڌائي. عدالت پي ٽي آءِ باني جي گارڊ حافظ ارشد کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي، بيڪري جي ٻاهران پوليس جون گاڏيون ساڙن جي ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي بري ڪيو ويو. عدالت عائشه ڀٽه کي 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. ننڍي عمر جي جوابدارن کي بري ڪيو ويو. عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي هڪ، هڪ لک روپيه ڏنڊ جو حڪم ڏنو.خميس تي دهشتگردي جي انت واري عدالت  ٻنهي ڪيسز جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪيس ۾ 45 جوابدارن جا ٽرائل ٿيا جن مان 25 گرفتار جڏهن ته 15 اشتهاري آهن، هڪ جوابدار فوت ٿي چڪو آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے