بريڪنگ نيوز

ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري, ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.چوماسي سيزن تحت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي پر هاڻ موسميات کاتي ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير موجب ڪراچي ۾ به برسات جا امڪان بڻجي رهيا آهن ۽ 17 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ به وقفي وقفي سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.هن ٻڌايو ته ان کان اڳ ڪراچي ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي، 17 آگسٽ جي شام يا رات کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے