بريڪنگ نيوز

ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري, ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.چوماسي سيزن تحت سڄي ملڪ ۾ تيز برساتون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي پر هاڻ موسميات کاتي ڪراچي ۾ به تيز برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير موجب ڪراچي ۾ به برسات جا امڪان بڻجي رهيا آهن ۽ 17 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين ڪراچي ۾ به وقفي وقفي سان تيز برسات ٿي سگهي ٿي.هن ٻڌايو ته ان کان اڳ ڪراچي ۾ گرمي پد وڌڻ جو امڪان آهي، 17 آگسٽ جي شام يا رات کان برساتن جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد بلدياتي چونڊن ۾ دير: اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ دير جي معاملي تي اليڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے