بريڪنگ نيوز

حڪومت اقليتن جي سرڪاري ادارن، پارليامينٽ ۽ قومي ڌارا ۾ ڀرپور شموليت لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سمورين اقليتن جي ڀلائي ۽ ترقي حڪومت جي ترجيحي فرضن ۾ شامل آهي، حڪومت اقليتن جي سرڪاري ادارن، پارليامينٽ ۽ قومي ڌارا ۾ ڀرپور شموليت لاءِ پرعزم آهي. اقليتن جي قومي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جي اهم ڪردار جي ساراهه ۾ دنيا سان گڏ آهي، اڄ اسان پاڪستان جي باني جي اقليتن جي باري ۾ فرمانن ۽ اسلامي تعليم جي روشني ۾ اقليتن جي مذهبي آزادي ۽ هڪجهڙن حقن لاءِ هر وقت ڪوشان رهڻ جي عهد کي ورجايون ٿا. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي تاريخي تقرير پاڪستان ۾ اقليتن جي محفوظ مستقبل جي نظرياتي ضامن آهي. سک، عيسائي، هندو ۽ پارسي سميت پاڪستان ۾ موجود سمورين اقليتن جي ڀلائي ۽ ترقي حڪومت جي ترجيحي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان اقليتن جي زندگي جي هر شعبي ۾ انجام ڏنل خدمتن کي پنهنجو ملڪي ۽ قومي اثاثو سمجهي ٿو. اقليت سان تعلق رکندڙ ڪيترائي پاڪستاني پٽ ملڪي دفاع ۾ بهادري سان پنهنجون جانيون قربان ڪري چڪا آهن، اسان کين دل جي گهراين سان خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. پاڪستان کي پنهنجي اقليتن جي حب الوطني واري جذبي، پيشيوراڻي محنت، قومي ورثي، ثقافت سان لڳاءُ تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته هي ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۾ اقليتن کي پاڪستان جي آئين تحت سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. اقليتن جي حقن جو تحفظ نه رڳو آئيني ذميواري آهي پر هي اسان جو مذهبي فرض پڻ آهي ڇاڪاڻ ته اسلام اقليتن جي شهري، مذهبي ۽ سماجي حقن جي تحفظ جي خاص طور تلقين ڪري ٿو. عالمن ۽ مذهبي اڳواڻن جو مذهبي آزادي جي تحفظ، عبادتگاهن ۽ اقليتي نمائندن جي عزت کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته انهن ئي اعليٰ مذهبي ۽ آئيني قدرن جي رهنمائي ۾ پاڪستان حڪومت اقليتن جي سرڪاري ادارن، پارليامينٽ ۽ قومي ڌارا ۾ ڀرپور شموليت لاءِ پرعزم آهي. اقليتن سميت سمورن پاڪستانين کي اتحاد، گڏيل عزت ۽ رواداري تي عمل ڪندي پنهنجي قومي ذميوارين جو احساس ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄوڪي ڏينهن سمورا پاڪستاني ۽ پاڪستان حڪومت بنا رنگ نسل جي فرق جي هڪ زبان ٿي ملڪي فرضن جي احسن طريقي سان ادائيگي جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے