ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خبردار ڪيو آهي ته 25 آگسٽ کان پوءِ صرف اهوئي ڊمپر روڊ تي هلندي نظر ايندو جنهن ۾ ٽريڪر ۽ ڪيمرا لڳل هوندا. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو نالو کڻڻ کان سواءِ تنقيد ڪئي ۽ چيو ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ڪوبه بدمعاشي ڪندو انهي کي جواب به ڏنو ويندو. انهي بيان تي اپوزيشن پارٽي جي ميمبرن گوڙ ڪيو ۽ نعرا لڳايا. شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن راشد منهاس روڊ تي ٿيل روڊ حادثو ڏکوئيندڙ آهي، پوليس ڊمپر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو هو، ڪجهه دهشتگرد سوچ رکندڙ ماڻهو روڊن تي اچي 7 ڊمپرز کي باهه ڏئي ڇڏين ٿا ڇا انهن کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي؟ انهي تي دهشتگردي جا قلم لڳايو اسان ڪنهن کان نه ڊڄنداسين. سينئر صوبائي وزير چيو ته اسان هن شهر ۾ دهشتگردي برداشت نه ڪنداسين، چاهي ڪيتري به قيمت ادا ڪرڻي پئي جن جا پيارا هن افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا ڇا اهي ڊمپر ساڙي رهيا آهن؟ بدمعاشن سان بدمعاشن جيان منهن ڏينداسين. هن چيو ته ڊمپر مالڪان روڊ بند ڪيا ته انهن سان ڳالهيون ڪيون ۽ روڊ کولرايا، اسان انهن کي به پابند ڪيو ته 25 تاريخ کان پوءِ روڊن تي اهي ئي ڊمپر هلندا جن ۾ ٽريڪر لڳل هوندا. شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ ڊرائيور کي ايترو مارڪٽ جو نشانو بنايو ويو جو هو ڪومه ۾ هليو ويو آهي ڄاڻي واڻي هن شهر ۾ فساد پکيڙيو پيو وڃي. ايم ڪيو اڄ به انهي معاملي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سڀني کان وڌيڪ اقليتي ڀينرون آهن، اقليتن جي حقن تي قرارداد کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جا ميمبر نفرت پکيڙي رهيا آهن.
