بريڪنگ نيوز

اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهيون،: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري، اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي بنا فرق جي مذهب، ذات پات، نسل يا رنگ جي برابري جا حق ڏيڻ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتي برادرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين، اسان هڪ خوشحال پاڪستان جوڙڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. اڄ 11 آگسٽ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اڄ اقليتن جو قومي ڏينهن جي موقعي تي اسان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. هي ڏينهن قائد اعظم محمد علي جناح جي ان تصور جي يادگيري ڏياري ٿو جنهن ۾ پاڪستان جي هر شهري کي برابري، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام سان زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي. هن چيو ته هي قوم جي جوڙجڪ ۾ اسان جي اقليتي برادرين جي خدمتن ۽ ڪردار جي اعتراف جو موقعو پڻ آهي. هنن هٿياربند فوج، عدليه، سول سروسز، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ عزم، ولولي ۽ لگن سان ملڪ جي خدمت انجام ڏنيون آهن. هن چيو ته اقليتن جي حب الوطني ۽ خدمتون سڄي قوم لاءِ فخر جوڳيون آهن. اسلامي جهموريه پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي بلا فريق مذهب، ذات پات، نسل يا رنگ جي برابري جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو. اهي اقليتن جي سياسي، اقتصادي، مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي حقن کي يقيني بڻائيندي انهن جي جائز مفادن جو تحفظ ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪستان هر قسم جي اڻبرابري، انتهاپسندي ۽ مذهبي عدم برداشت خلاف ثابت قدمي سان پرعزم آهي. اسان تعصب کان پاڪ هڪ اهڙي معاشري کي جوڙڻ جو عزم ڪريون ٿا جتي معاشرتي جدت کي طاقت سمجهيو وڃي ۽ جيڪو گڏيل احترام، بين المذاهب هم آهنگي ۽ گڏيل ترقي جي بنياد تي قائم هجي. هن چيو ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. انهن ۾ اقليتن جي قومي ڪميشن جو قيام،  مينارٽيز ويلفيئر فنڊ مختص ڪرڻ، عبادت گاهن جي بحالي ۽ تحفظ ۽ اقليتي شاگردن کي وظيفا ۽ مالي معاونت جي فراهمي شامل آهن. 2009ع ۾، صدر پاڪستان جي حيثيت سان منهنجي پهرين مدت دوران حڪومت، اقليتن جي حقن جي تحفظ، برابري ۽ هم آهنگي لاءِ پنهنجي قومي وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي 11 آگسٽ کي اقليتن جي ڏينهن طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اسان بين المذاهب ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جاري رکنداسين ۽ قومي زندگي جي هر شعبي ۾ اقليتن جي بامعني شرڪت کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي هن عزم جي تجديد ڪريون ٿا ته اقليتي برادرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ترقي ۽ فلاح  لاءِ ڪم ڪندا رهنداسين. اسان هڪ خوشحال پاڪستان جوڙڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي، ڀائيچاري ۽ يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے