بريڪنگ نيوز

آئين بچايو مارچ، راهول گانڌي ۽ پريانڪا سميت ڪيترائي پارليامينٽ ميمبر گرفتار

نئين دهلي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي آئين بچايو مارچ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن طرفان مارچ جي دوران راهول گانڌي، پريانڪا گانڌي ۽ ٻين پارليامينٽ ميمبرن کي دهلي پوليس گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. گرفتاري جي موقعي تي ڳالهيون ڪندي  راهول گانڌي چيو ته اسان جو جهيڙو سياسي نه پر آئين، ووٽ جو حق ۽ شفاف ووٽر لسٽ جي لاءِ آهي. اسان اليڪشن ڪميشن پهتاسين ته انڊيا الائنس جي ميمبرن کي روڪي گرفتار ڪيو ويو هن چيو ته ووٽ جي چوري هاڻ سموري ملڪ جي سامهون بي نقاب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته اها سياست جي نه پر جمهوريت جي تحفظ جي جنگ آهي، ڀارتي آئين هڪ ماڻهو، هڪ ووٽ جي ضمانت ڏئي ٿو، انهي لاءِ شفاف ووٽر لسٽ ۽ عوام جي جمهوري حقن جو تحفظ هر قيمت تي يقيني بنايو ويندو. جڏهن ته پريانڪا گانڌي چيو ته ڊڄڻي حڪومت هاڻ گرفتاريون ڪري رهي آهي،  گرفتارين سان اسان جا حوصلا ختم نٿا ٿي سگهن. ياد رهي ته راهول گانڌي ڀارتي اليڪشن ڪميشن ۽ بي جي پي تي ڌانڌلي جا الزام لڳايا هئا ۽ گذريل چونڊن ۾ نريندر مودي جي کٽڻ تي سوال پڻ اٿاريو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے