بريڪنگ نيوز

جنرل باوجوا کي ايڪسٽينشن ڏيڻ غلطي هئي، معافي گهرون ٿا: اسد قيصر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا کي واڌ ڏيڻ تي قوم کان معافي گهري ورتي.اسلام آباد ۾ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، محمود اچڪزئي ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير پريس ڪانفرنس ڪئي.اسد قيصر چيو ته جنرل باجوا کي واڌ ڏيڻ اسان جي سڀ کان وڏي غلطي هئي، ان سنگين غلطي تي قوم کان معافي ٿا گهرون، اڳتي اهڙي قسم جي ڪنهن به فيصلي جو حصو نه بڻجنداسين.محمد زبير چيو ته اپريل 2022 کانپوءِ هيل تائين ماڻهن جي خريد جي قوت ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آئي، اها سنگين صورتحال آهي، ان تي ڪو حڪومتي نمائندو نٿو ڳالهائي، پاڪستان هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۾ دنيا ۾ 168هين نمبر تي اچي ويو آهي، ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، ملائيشيا، ڀارت ۽ بنگلاديش جو لٽريسي ريٽ اسان کان وڌيڪ آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے