بريڪنگ نيوز

آپريشن بُنيان مرصوص جي حوالي سان پارليامينٽ جو ڪردار واکاڻ جوڳو رهيو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ آپريشن بُنيان مرصوص جي حوالي سان پارليامينٽ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته هتان دشمن کي واضح پيغام ويو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرن پاڪستان جو بيانيو موثر انداز ۾ پيش ڪيو، پوري قوم، پارليامينٽ، پاڪ فوج ۽ ميڊيا ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ڀارتي ميڊيا سچ ڳالهائڻ جي قائل نه آهي، فيڪ نيوز ۽ مس انفارميشن عالمي سطح تي اهم چئلينج آهي، آرٽيفيشل انٽيليجنس جي اچڻ سان اهو معاملو وڌيڪ ڳنڀير ٿيو، اطلاعات واري وزارت جي ادارن پي ٽي وي، پي بي سي، اي پي پي، پي آءِ ڊي ۾ ڊس انفارميشن کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ مڪينزم موجود آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران قومي اسيمبلي ميمبر شرميلا فاروقي جي ضمني سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آپريشن بُنيان مرصوص جي حوالي سان هن ايوان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، تاريخ ۾ اهو ضرور لکيو ويندو ته هتان سمورين سياسي پارٽين گڏ ٿي تمام سٺو پيغام ڏنو، هتان دشمن کي واضح ڏنو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي بلڪه اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن ٽي وي چينلز تي پاڪستان جو بيانيو موثر انداز ۾ پيش ڪيو، پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي ميڊيا تي پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ بيانيي جي محاذ تي اهم ڪردار ادا ڪيو، بطور اطلاعات واري وزير اهو منهنجو فرض آهي ته انهن سمورين ڪوششن کي تسليم ڪيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مس انفارميشن جي حوالي سان هر ملڪ جي اندر مهم هلي ٿي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس جي اچڻ سان اهو معاملو وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي. جيستائين آرٽيفيشل انٽيلي جنس کي وڌيڪ فروغ نه ملندو هو ان وقت تائين مس انفارميشن جو معاملو ايترو ڏکيو نه هو. هن چيو ته معزز ميمبر کي 9 صفحن جو جواب ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ عالمي اڳواڻن پڻ مس انفارميشن کي هن وقت جو وڏو چئلينج قرار ڏنو، مس انفارميشن ڪنهن جي مفاد ۾ نه آهي، اهو نه سياسي پارتين ۽ نه ئي ملڪ جي مفاد ۾ آهي، مس انفارميشن جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت فيڪٽ چيڪر جي نالي سان ٽوئيٽر هينڊل ٺاهيو، اسان وزارت جي 1970ع جي رولز ۾ ترميم ڪري پاڪستان جو پهريون ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ ٺاهيو، ان ڊپارٽمينٽ ۾ جديد سافٽ ويئر استعمال ڪيو پيو وڃي، ريسرچ جي ذريعي فيڪ مواد جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي، اهو رڳو هڪ قدم ڪافي نه آهي، ان عمل کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قومي اتحاد جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي، پي بي سي، اي پي پي، پي آءِ ڊي ۾ ڊس انفارميشن کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ مڪينزم موجود آهي. تازو ئي پي ٽي وي ورلڊ انگلش جي ذريعي اسان باقاعده طور تي فيڪ نيوز بسٽر جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو جنهن ڀارتي پروپئگنڊه کي بي نقاب ڪيو، ڀارتي ميڊيا سچ ڳالهائڻ جي قائل نه آهي، ان پوري قوم، ايوان ۽ پاڪ فوج ۽ ميڊيا ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، ڀارتي ميڊيا چيو ته لاهور ۽ ملتان جو پورٽ تباهه ٿي ويو، جڏهن اسان پوري قوم سان گڏجي ان کي ڪائونٽر ڪيو، اسان وٽ ميڊيا ايٿڪس اڃا به موجود آهن، انٽرنيشنل ميڊيا تي مون، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سياسي پارٽين جي ميمبرن پاڪستان جي نمائندگي ڪئي، ميڊيا هائوسز ڊوميسٽڪ فرنٽ تي بيانيي کي سنڀاليو هو ته اسان انٽرنيشنل ميڊيا تي وڃي اها جنگ وڙهي سگهياسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مس انفارميشن کي ڪائونٽر ڪرڻ جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز آهن، اسان فيڪ نيوز بسٽر جو انگلش پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي ميڊيا ۽ مودي اڄ ڪيترا ڪوڙ ڳالهايا، فارن پاليسي جي حوالي سان ڀارتي ناڪامين کي اجاگر ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل فرنٽ تي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پليٽ فارمز ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، اطلاعات واري وزارت ۽ قانون واري وزارت جو به ڪردار آهي، ان حوالي سان ايوان جي ڪميٽي جوڙي وڃي، مخالف ڌر ميمبر به اسان سان گڏ ويهن، جيڪڏهن ايوان جي ڪميٽي سٺيون تجويزون ڏي ته ان جو ڪريڊٽ هن ايوان ڏانهن ويندو جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته ان معاملي کي اطلاعات واري وزارت جي ڪميٽي ۾ اٿاريو وڃي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے