بريڪنگ نيوز

وزيراعظم پاران سياحت جي فروغ جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سڄي ملڪ جي سياحتي جاين ۾ نئين اڏاوت ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي حوالي سان موسمياتي تبديلي جي رخ کي نظر ۾ رکڻ جي هدايت ڪندي چيو  آهي ته سياحت جي فروغ جي حوالي سان قابل عمل ۽ جلد کان جلد مڪمل ٿيندڙ پراجيڪٽ جوڙيا وڃن، وزيراعظم نيشنل ٽوئرازم ڪوآرڊينيشن بورڊ کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ پڻ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي حوالي سان بي پناهه صلاحيت موجود آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي وسيلن ۽ لازوال خوبصورتي سان نوازيو آهي، برف پوش جبل، ٻيلا، درياءَ، ريگستاني علائقا ۽ ڪوسٽل لائين اهڙن ٻين قدرتي وسيلن جي ڪري اسان جو ملڪ دنيا ۾ هڪ منفرد ۽ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستان وٽ دنيا جي قديم ترين تهذيب آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽  آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي علائقن ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي سياح راغب ڪرڻ جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ آسان سفر ۽ رابطي ۽ اعليٰ معيار جون جديد تفريحي سهولتون لازمي آهن. وزيراعظم اسلام آباد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي حوالي سان جلد کان جلد حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن سياحت جي فروغ جي حوالي سان قابل عمل ۽ جلد کان جلد مڪمل ٿيندڙ پراجيڪٽ جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحن جي سهولت جي لاءِ بهترين معيار جي هوٽلن، ريزارٽس، تفريحي جاين ۽ ٻين سهولتن جي تعمير جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ جي سياحتي جاين ۾ نئين اڏاوت ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي حوالي سان موسمياتي تبديلي جي رخ کي نظر ۾ رکيو وڃي. وزيراعظم نيشنل ٽوئرازم ڪوآرڊينيشن بورڊ کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ پڻ طلب ڪري ورتي. اجلاس کي وزيراعظم جي سياحت بابت ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس پاران سياحت جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ غيرملڪي سياحن جو انگ وڌائڻ، سياحت کي جي ڊي پي جو هڪ اهم حصو بڻائڻ ۽ سياحت جي حوالي سان 20 نيون جايون آباد ڪرڻ جي حوالي سان هدفن تي ڪم شروع ڪري سگهجي ٿو، مذهبي ۽ ميڊيڪل ٽوئرازم جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جلد ئي اسلام آباد ۾ نيشنل ٽوئرازم ايڪسپو اينڊ انويسٽمنٽ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. تازو ئي ملتان ۾ نواز شريف زرعي يونيورسٽي جي تعاون سان مينگو فيسٽيول 2025ع منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي، وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر توقير شاهه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون حذيفه رحمان، وزيراعظم جي سياحت واري ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے