اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته آمريڪا سان واپاري معاهدي بعد پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ 19 سيڪڙو ٽيرف مليو آهي، جنهن سان ايڪسپورٽ وڌندي.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلال اظهر ڪياني چيو ته جڏهن سائفر لهرايا پئي ويا، تڏهن ڪنهن کي به اهڙي معاهدي جي اميد نه هئي، هاڻ مخالف ڌر به مڃيندي ته سڀني ڏکيائين باوجود آمريڪا سان واپاري لاڳاپا بهتر ٿيا.هن چيو ته مخالف ڌر چاهي پئي ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿين ۽ ملڪ ڊيفالٽ ڪري، پر وزيراعظم جي ڪوششن سان لاڳاپا بهتر ٿيا.سندس چوڻ هو ته آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر سان ملاقات ٿي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي به آمريڪي اختيارين سان ملاقاتون ٿيون، آمريڪا سان واپاري معاهدو انهن سمورين ڪوششن جو نتيجو آهي.هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته توانائيءَ جا اگهه گهٽايا وڃن، ان حوالي سان جلد پاليسي اچي رهي آهي ۽ اميد آهي ته ان سان برآمدي شين جون قيمتون گهٽجنديون.
