بريڪنگ نيوز

ملڪ جي معاشي حب ڪراچي ۾ جديد عدالتي نظام جو قيام اهم آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، هتي جديد عدالتي نظام جو قيام اهم آهي.ڊسٽرڪٽ بار ڪراچي جي وفد چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس ڪراچي ۾ ضلعي عدليا ۽ قانوني ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.هن چيو ته ضلعي عدالتون عوام کي انصاف جي فراهمي جو بنيادي ذريعو آهن، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، هتي جديد عدالتي نظام جو قيام اهميت رکي ٿو.ملاقات ۾ چيف جسٽس هر صوبي ۾ ايڊيشنل ريزيڊنٽ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو به اشارو ڏنو.چيف جسٽس سان ملاقات ڪندڙن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر نواز وڙائچ، عبدالرحمان ڪورائي ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جو ايڊيشنل ريزيڊنٽ سيڪريٽري سهيل مشوري به موجود هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايمان مزاري سان ملاقات جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے