بريڪنگ نيوز

ملڪ جي معاشي حب ڪراچي ۾ جديد عدالتي نظام جو قيام اهم آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، هتي جديد عدالتي نظام جو قيام اهم آهي.ڊسٽرڪٽ بار ڪراچي جي وفد چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس ڪراچي ۾ ضلعي عدليا ۽ قانوني ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.هن چيو ته ضلعي عدالتون عوام کي انصاف جي فراهمي جو بنيادي ذريعو آهن، ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي، هتي جديد عدالتي نظام جو قيام اهميت رکي ٿو.ملاقات ۾ چيف جسٽس هر صوبي ۾ ايڊيشنل ريزيڊنٽ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو به اشارو ڏنو.چيف جسٽس سان ملاقات ڪندڙن ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر نواز وڙائچ، عبدالرحمان ڪورائي ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن جو ايڊيشنل ريزيڊنٽ سيڪريٽري سهيل مشوري به موجود هئا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ پاسپورٽ ۽ اميگريشن سسٽم کي پڻ تيز ۽ فول پروف بڻايو ويو آهي: محسن نقوي

بيجنگ (مانيٽرنگ ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير وزير محسن نقوي بيجنگ پبلڪ سيڪيورٽي جي پاسپورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے