اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)قومي اسيمبلي فوجداري قانونن ۾ ٻن ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت عورت جا ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ هاءِ جيڪر سان ملاقات يا لاڳاپن تي موت جي سزا ختم ڪئي وئي آهي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ فوجداري قانون ترميمي بل 2025 پيش ڪيو قومي اسيمبلي ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي روڪٿام ۽ غيرت جي نالي تي قتل خلاف قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي قرارداد جي متن موجب ايوان سوشل ميڊيا جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت سان مشاورت کان پوءِ سوشل ميڊيا جي صحيح استعمال لاءِ قانون ٺاهڻ، ڊجيٽل حقن، قائدن ۽ اخلاقيات جي آگاهي لاءِ قدم کنيا ويندا پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهده رحماني قرارداد اسيمبلي ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته هلندڙ ڏينهن ۾ ڪجهه صوبن ۾ غيرت جي نالي تي قتل ٿيا مملڪتي وزير طلال چوڌري طرفان پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. شهريار آفريدي اعتراض ڪندي چيو ته شهريت بل آهي ڇا انهي بابت ايوان کي ٻڌايو وڃي مملڪتي وزير ٻڌايو ته اهو بل سينيٽ ۽ قائمه ڪميٽي کان پوءِ منظور ٿيو. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٻئي شهريت جي لاءِ پنهنجي شهريت ختم ڪرڻي پوندي هئي. طلال چوڌري چيو ته جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن سان اسان جي ٻٽي شهريت جو معاهدو ٿي ويو آهي. هاڻ پرڏيهي پاڪستانين کي ٻئي ملڪ جي شهريت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني شهريت ختم نه ڪرڻي پوندي موٽر وهيڪل انڊسٽري ڊوالپمينٽ بل 2025 به قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. طلال چوڌري سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي بل 2025 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو انهي کان علاوه طلال چوڌري وفاقي ترقياتي اداره ترميمي آرڊيننس 2025 جڏهن ته رانا تنوير حسين نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي آرڊيننس 2025 پيش ڪيو پيپلز پارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته اڃان هڪ اسان جو سيشن ختم ٿيو آهي، جيڪڏهن هڪ ٻئي جي پٺيان آرڊيننس آڻيندا رهندو ته ڇا اوهان پارليامينٽ جي رٽ کي انڊر مائن نه ڪري رهيا آهيو؟ رانا تنوير حسين چيو ته آرڊيننس آئين جو حصو آهي، ڪوبه آرڊيننس ضرورت کان سواءِ ڪڏهن به جاري ناهي ٿيندو. اسيمبلي اجلاس جي دوران تحفيف غربت، سماجي تحفظ ڊويزن بابت سوال تي پارلياماني سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ کان بريفنگ نه وٺڻ جو پڻ انڪشاف ڪري ڇڏيو. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته مان بالڪل تيار نه آهيان مون کي ڊپارٽمينٽ طرفان بريفنگ ناهي ڏني وئي مان سخت پريشان آهيان اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته بل ذريعي فوجداري قانونن ۾ ٻه تبديليون آنديون پيون وڃن، پهرين ترميم شق 354 اي سان لاڳاپيل آهي، جيڪا عورت جا ڪپڙا ڦاڙڻ جي ڏوهه تي سزا بابت آهي، اها شق اڳوڻي صدر ضياءُ الحق جي دور ۾ شامل ڪئي وئي هئي، جنهن تحت اهڙي عمل تي موت جي سزا مقرر ڪئي وئي هئي پر ان جو گهڻو غلط استعمال ٿيندو رهيو آهي قانون واري وزير چيو ته شق 354 کي 354 اي ۾ تبديل ڪرڻ تي ٿاڻن ۾ رشوت هلندي آهي، تنهن ڪري ترميم تحت هاڻ ان ڏوهه تي موت جي سزا ختم ڪري سزا گهٽ ڪئي پئي وڃي سندس چوڻ هو ته ٻي ترميم اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ شامل ڪيل شق 402 سي بابت آهي، جيڪا هاءِ جيڪنگ جي جوابدار سان ملاقات يا واسطو رکندڙ شخص کي به موت جي سزا ڏيڻ بابت آهي، ترميمي بل موجب هاڻ هاءِ جيڪنگ جي جوابدار سان لاڳاپن يا ملاقات تي موت جي سزا ختم ڪئي پئي وڃي جمعيت علماءِ اسلام جي ميمبر عاليا ڪامران بل جي مخالفت ڪئي، جنهن تي ايون ۾ راءِ شماري ڪرائي وئي ۽ اڪثريت راءِ سان بل منظور ڪيو ويو
