بريڪنگ نيوز

فيلڊ مارشل بابت پاڪستان جو صدر بڻجڻ بابت ڳالهيون بي بنياد آهن : ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي باري ۾ پاڪستان جي صدر بنجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن برطانوي ميگزين(دي اڪنامسٽ) کي انٽرويو ڏيندي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل عاصم منير جي باري ۾ پاڪستان جي صدر بنجڻ جي ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏنو پاڪستان طرفان ڀارتي فوجي ڪارروائي تي رد عمل بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان هن ڀيري ڀارت جي اوڀرين حصي کان شروعات ڪنداسين، شروعات ڀارت جي اندر گهرائي کان حملو ڪرڻ کان ٿيندو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اهي به هر جڳهه تي مارجي سگهن ٿا هن چيو ته نه ته صدر جي استعيفيٰ جي ڪا ڳالهه ٿي آهي نه ئي اهڙي ڪا سوچ موجود آهي، نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه آهي ته آرمي چيف صدارت جو عهدو سنڀالڻ جو خواهشمند آهي ٻئي طرف پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري به صدر زرداري جي خلاف افواهن جي ترديد ڪندي چيو ته صدر آصف زرداري هن ملڪ جو چونڊيل صدر آهي، انهن جي خلاف افواهن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي نه آهي، افواهون پکيڙيندڙن کي آئين ۽ قانون سمجهه ۾ نه پيو اچي

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے