بريڪنگ نيوز

ڪي سي آر منصوبي جي هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪراچي سرڪلر ريلوي لاءِ ريلويز بابت سينيٽ ڪميٽي جي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪي سي آر لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ سميت عالمي شراڪتدارن سان رابطن جو سلسلو جاري آهي.هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار، سنڌ جي وڏي وزير جي اڳواڻيءَ ۾، ڪي سي آر منصوبي جي هر صورت ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ سنڌ حڪومت هن رٿا کي اوليتي بنيادن تي مڪمل ڪندي.هن چيو ته ڪي سي آر منصوبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت کان سهڪار جي اميد آهي، ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي پاڪستان ريلويز سان گڏجي اڳڀرائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪي سي آر، ڪراچي جي 2.5 ڪروڙ شهرين لاءِ هڪ اهم ٽرانزٽ سهولت بڻجندو، اسان سينيٽ ڪميٽي جي تجويزن جي به آجيان ڪيون ٿا، ۽ جلد رڪاوٽون ختم ٿيڻ جي بھ  اميد آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ محفوظ، پُرامن ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃڻو آهي: اعظم نذير

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے