اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي جاري ڪيل گڏيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ موجوده چئلينجن مان نڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي. اپوزيشن اڳواڻ مصطفى نواز کوکر ٻين سياسي اڳواڻن سان گڏجي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) جو گڏيل پڌرائي پڙهندي چيو ته انتظاميا مقامي هوٽل ۾ ڪانفرنس ڪرائڻ کان روڪيو، ان باوجود تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان تحت اي پي سي جو ڪامياب انعقاد ٿيو. شرڪت ڪندڙن اسلام آباد جي انتظاميا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. پڌرائي موجب، ملڪ جي آئيني، سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، اپوزيشن لاءِ جاءِ ٺاهڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي. هي اتحاد ملڪ ۾ سياسي انتقام جي به مذمت ڪري ٿو. مصطفى نواز کوکر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس زال کي جيل ۾ رکڻ جي مذمت ڪيون ٿا، انهن خلاف ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. پڌرائيءَ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروباري طبقو پنهنجو سرمايو ٻاهر منتقل ڪري رهيو آهي، بيروزگاري جي شرح 22 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته پورهيت طبقو ڏاڍي مشڪلاتن ۾ آهي، غربت وڌي وئي آهي. مصطفى نواز کوکر وڌيڪ چيو ته ملڪ جا 45 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺائين زندگي گهاري رهيا آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس جو عهدو هاڻي رڳو علامتي بڻجي ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججن جيڪي خط لکيا، اُهي پاڪستان جا هيرو آهن ۽ اسان سندن موقف جي حمايت ڪيون ٿا. پڌرائي موجب، 2024ع جي چونڊن کي مڪمل طور رد ڪندي چيو ويو آهي ته آزاد ۽ خودمختيار چونڊون انتهائي ضروري آهن.
