اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي لوڪ سڀا ۾ آپريشن سندور بابت دعوائون رد ڪري ڇڏيون، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته ڀارتي لوڪ سڀا ۾ آپريشن سندور سان لاڳاپيل ڀارتي اڳواڻن جا الزام ۽ چڙڏياريندڙ دعوائون ڪوڙ تي ٻڌل آهن، ڀارتي بيان حقيقت کان انڪار ۽ اڳرائي جو جواز ڏيڻ جي ڪوشش آهن. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته ڀارت پهلگام حملي جي جاچ ۽ شاھدن کانسواءِ پاڪستان تي الزام لڳايا. سندس چوڻ هو ته ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن ۾ بيگناهه ٻارڙا، عورتون ۽ مرد شهيد ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي جنگي جهازن ۽ فوجي ٿاڪن کي بي اثر ڪرڻ ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي جيڪا هڪ ترديد نه ڪرڻ جوڳي حقيقت آهي. شفقت علي خان چيو ته ڀارتي قيادت کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي عوام کي گمراهه ڪرڻ بدران فوجي نقصان کي مڃي، پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ ٽئين ڌر جي ڪردار کي قبول ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف شفاف ۽ اڻڌري جاچ جي آڇ ڪئي هئي جيڪا ڀارت رد ڪندي اڳرائي جو رستو اختيار ڪري پاڻ ئي جج، عدالت ۽ ايگريڪيوشن بڻجي ويو، پاڪستان ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته نالي ماتر آپريشن مهاديو سان لاڳاپيل ڪابه دعويٰ سندن لاءِ ڪا اهميت نٿي رکي، ڀارتي گهرو وزير طرفان ڏنل بيان ڪوڙو ۽ ڪهاڻين تي ٻڌل آهي، پهلگام حملي جي مبينا جوابدارن کي لوڪ سڀا جي بحث جي شروعات ۾ ئي ماريو ويو. شفقت علي خان چيو ته ڀارتي اڳواڻن جا سنڌ طاس معاهدي سان لاڳاپيل بيان بي بنياد آهن، ڀارت جو معاهدو معطل ڪرڻ عالمي معاهدن جي توهين آهي، ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني ڪارروائي تي فخر افسوسناڪ آهي.
