بريڪنگ نيوز

اهو اهو واعدو هو، هر شهري کي زمين، رهائش ۽ عزت ڏني ويندي: آصفه ڀٽو زرداري

نوابشاه(مانيٽرنگ ڊيسڪ) خاتونِ اول ۽ قومي اسيمبلي جي میمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان سڀني لاءِ فخر جو ڏينهن آهي. گهرن جي مالڪيءَ جا دستاويز صرف ڪاغذ جو ٽڪرو نه آهن، پر اهي اوهان جي مستقبل جي تحفظ جي علامت آهن.نوابشاهه، شهيد بينظير آباد ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز منصوبي تحت مالڪيءَ جي دستاويزن جي تقسیم واري تقريب کي خطاب ڪندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ايس پي ايڇ ايف منصوبي تحت 21 لک گهر تعمير ڪيا پيا وڃن، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هر گهر جي زمين ان گهر جي عورت جي نالي تي ڪئي پئي وڃي.بي بي آصفه ڀٽو چيو ته هي رڳو هڪ گهر ناهي، پر اوهان لاءِ ۽ اوهان جي ٻارن لاءِ اختيار، عزت ۽ تحفظ جي علامت آهي۔هن منصوبي کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي محنت، بصيرت ۽ عوام دوست سوچ جو نتيجو قرار ڏيندي بي بي آصفه چيو ته اڄ تائين ڪنهن به ٻئي صوبي يا سياسي جماعت ايڏو وڏو ۽ عوامي ڀلائي وارو قدم نه کنيو آهي.بي بي آصفه، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي واعدي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو اهو واعدو هو، جيڪو شهيد ڀٽو عوام سان ڪيو هو ته هر شهري کي زمين، رهائش ۽ عزت ڏني ويندي. اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو واعدو پورو ڪري رهيو آهي.هن چيو ته انشاءَ ﷲ، اوهان به محفوظ رهندؤ ۽ اوهان جا ايندڙ نسل به عزت ۽ وقار سان زندگي گذاريندا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ بعد بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي وڌي وئي آهي: بلاول

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے