بريڪنگ نيوز

پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، اسرائيلي جارحيت خلاف ساٿ ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون: ايراني صدر

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان جي حمايت تي دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون.ايران جي صدر وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي ڳالهه جي شروعات قرآن پاڪ جي آيت سان ڪئي ۽ امت جي اتحاد تي زور ڏنو.هن چيو ته مهمان نوازي تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني قوم جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان اسان جو ٻيون گهر آهي، پاڪستان جي علمن ۽ سياسي قيادت سان فائديمند ڳالهيون ٿيون.ايران جي صدر جو چوڻ هو ته اسرائيلي جارحيت خلاف پڪستان جي حمايت تي دل سان شڪرگذار آهيون، اڄ جي دور ۾ مسلم امت جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهن ۽ علامه اقبال جي شاعري اسان لاءِ به رهنمائي جو مينار آهي.هن چيو ته پاڪستان سان سٺا لاڳاپا ايران جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن، ٻه طرفي لاڳاپن کي مختلف رخن ۾ اڳتي وڌائي رهيا آهيون.ايراني صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيل علائقي کي غير مستحڪم ڪرڻ واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي، علائقائي امن ۽ ترقي پاڻ ۾ ويجها سان لاڳاپيل آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ٽيڪس هدف پورا ڪرڻ ۾ ناڪام، آءِ ايم ايف خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي مالي اداري (آءِ ايم ايف) گذريل مالي سال 12 هزار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے