راولپنڊي:( مانيٽرنگ ڊيسڪ) موٽر وي ايم ٽو بلڪسر انٽرچينج ڀرسان نجي ڪمپني جي بس جو ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا.موٽروي پوليس جي ترجمان موجب بس جو اڳيون ٽائر ڦاٽڻ سبب ڊرائيور بس تي ڪنٽرول نه رکي سگهيو جنهن جي نتيجي ۾ بس ڪلٽي ٿي پئي، اطلاع ملندي ئي موٽر وي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي. نجي ڪمپني جي بس راولپنڊي کان لاهور وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي.ريسڪيو 1122 موجب فوت ٿي ويل ۽ زخمي ٿيندڙ 18 زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو چڪوال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿي ويلن ۾ 35 ورهين جي مسمات حبيبه، 8 مهينن جو ٻار حيدر محسن، هڪ ورهين جو نامعلوم ٻار، 26 ورهين جي ام حبيبه محسن، 14 ورهين جي ٻارڙي خديجه خليق، 2 ورهين جي ٻارڙي حرم خليق، 45 ورهين جو سردار نديم ۽ 38 ورهين جي منشا بيگم شامل آهن.معمولي زخمين کي موٽروي پوليس ۽ ريسڪيو سروسز موقعي تي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪئي، جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري آهن.
