بريڪنگ نيوز

سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ صنعتي سهڪار، زراعت، آءِ ٽي ۽ سماجي ترقي تي ڌيان آهي: احسن اقبال

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن بابت پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ صنعتي سهڪار، زراعت، آءِ ٽي ۽ سماجي ترقي تي ڌيان آهي، سي پيڪ کي مرڪزي ايشيا سان ڳنڍڻ خطي ۾ اقتصادي استحڪام جو ذريعو هوندو. رٿابندي واري وزارت مطابق وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير ميري ٽائم افيئرز محمد جنيد انوار چوڌري به شريڪ هو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي پروفيسر احسن اقبال چيو ته ايندڙ ٿيندڙ جي سي سي ۾ اهم فيصلا متوقع آهن جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. هن چيو ته سي پيڪ جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ صنعتي سهڪار، زراعت، آءِ ٽي ۽ سماجي ترقي تي ڀرپور ڌيان آهي، سي پيڪ کي مرڪزي ايشيا سان ڳنڍڻ خطي ۾ اقتصادي استحڪام جو ذريعو هوندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومت قدم کنيا آهن، گوادر جي ترقي ۽ اقتصادي زونز جي تعمير اهم ترجيع آهي، حڪومت گوادر جي بندرگاهه جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ پرعزم آهي. احسن اقبال چيو ته گوادر ۽ ان جي آس پاس ۾ معدنيات جي شعبي ۾ بي شمار موقعا موجود آهن، جديد انفراسٽرڪچر جي قيام ذريعي معدنيات مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چين سان زراعت جي شعبي ۾ شراڪتداري جاري آهي، چين مان تربيت يافتا ايگري گريجويٽس موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار هوندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان اسپيس سينٽر جو قيام قومي اهميت رکي ٿو، ان منصوبي کي جلدي مڪمل ڪرڻ لاءِ چين اهم ڪردار ادا ڪندو. چين جي سفير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ وڌندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے