اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عظيم سپوت ۽ نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پهرين شهيد ڪيپٽن محمد سرور جو 77هون يوم شهادت اڄ عقيدت، احترام سان ملهايو ويو صدر آصف علي زرداري ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي يوم شهادت تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن سرور شهيد ڪشمير جي پهرين جنگ ۾ ملڪ لاءِ حياتي جو نذرانو پيش ڪيو، قوم کي انهي جي جرئت، استقامت ۽ عظيم قرباني تي فخر آهي هن چيو ته اڄ جو محفوظ پاڪستان اسان جي هيروز جي عظيم قربانين جو نتيجو آهي، شهيدن جون قربانيون ملڪي دفاع ۽ قومي استحڪام جي بنياد آهن. قوم ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي قرباني کي هميشه ياد رکندي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪيپٽن سرور جمون، ڪشمير تي دشمن جي قبضي کي ناڪام بنايو ۽ شهادت ماڻي، قوم پنهنجن شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهيهٿياربند فوج طرفان ڪيپٽن محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي 77هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ملڪ جي پهرين نشان حيدر جو اعزاز ماڻيندڙ ڪيپٽن محمد سرور شهيد 27 جولاءِ 1948ع تي پهرين ڪشمير جنگ دوران تلپر آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. هن پنهنجي جوانن جي غير معمولي جرئت، حڪمت عملي ۽ فرض جي ادائگي جي پختي لڳن سان رهنمائي ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب سندس عظيم قرباني، بهادري ۽ حب الوطني جي لازوال علامت بڻيل آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ان جي لازوال ميراث جو احترام ڪري ٿي ۽ سندس بي مثال بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، جيڪا آفيسرن ۽ سپاهين جي نسلن کي متاثر ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڪيپٽن سرور شهيد جي زندگي فرضن جي ادائگي ۽ قربانيءَ جي بنيادي فوجي قدرن جي عڪاسي ڪري ٿي، ان موقعي تي قوم پنهنجي ان بهادر پٽ کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي جنهن جي بي لوث جرئت پاڪ فوج جي قرباني واري جذبي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ پنهنجي پختي عزم کي ورجائي ٿي ۽ ڪيپٽن محمد سرور شهيد نشان حيدر جهڙن شهيدن جي عظيم وراثت سان طاقت حاصل ڪري ٿي.
