بريڪنگ نيوز

رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو،انجام عبرتناڪ موت آهي: محسن نقوي

ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو آهي، ته ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين، رياستي  رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين. گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي صدارت ۾ امن امان سان لاڳاپيل خاص اجلاس ۾ فتنه الهندوستان خلاف مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس، آءِ جي ايف سي نارٿ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي جي ليويز کان علاوه گهرو کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سرفراز بگٽي امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ سيڪيورٽي قدمن تي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران صوبائي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ ان ۾ درپيش رڪاوٽن  جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انجام تائين پهچائينداسين. رياستي رٽ کي چئلينج ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.  وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بلوچستان حڪومت جي مڪمل سپورٽ جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان دشمن عنصرن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي آهي. وڏي وزير  اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت متفق آهن، ته هي جنگ سيڪيورٽي فورسز جي ناهي پر پوري قوم جي جنگ آهي، دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون ويون آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ رياستي ادارا مڪمل هم آهنگي سان سرگرم عمل آهن. سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جون قربانيون ضايع نه وينديون، هر قيمت تي امن قائم ڪيو ويندو. فاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته  فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي. گهرو وزير جي وزيراعليٰ هائوس بلوچستان پهچڻ تي وڏي وزير سرفراز بگٽي سندس آجيان ڪئي. گهرو وزارت جي جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير محسن نقوي ۽ وڏي وزير سرفراز بگٽي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران بلوچستان ۾ امن امان ۽ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جو انجام عبرتناڪ موت آهي، ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي لڪڻ لاءِ جاءِ نه ملندي. صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا .

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے