اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ٽيڪس بيس ۾ اضافي ۽ غير رسمي معيشت جي خاتمي سان ئي عام ماڻهو لاءِ ٽيڪس ۾ گهٽتائي جا هدف حاصل ڪرڻ ممڪن هوندو، ايف بي آر پاران جاري سڌارن جي ثمرن عيوض معيشت هاڪاري رخ ۾ گامزن آهي، صرف ڊجٽلائيزيشن ئي ناهي، نئين نظام کي سگهه ڏيڻ لاءِ پورو ڊجيٽل ايڪو سسٽم ٺاهيو وڃي. ڪچي مال جي تياري ۽ آمدني واپار، مصنوعات جي مينيوفيڪچرنگ ۽ صارف جي خريداري تائين جي سموري ڊيٽا کي هڪ ئي سسٽم سان ڳنڍيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايف بي آر پاران جاري سڌارن تي جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير محمد اورنگزيب، احد خان چيمه، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ايف بي آر چيئرمين، چيف ڪو آرڊينيٽر مشرف زيدي، معاشي ماهرن ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ايف بي آر جي ڊيٽا کي هڪ مرڪز تي ڳنڍڻ ۽ پوري ويليو چين جي رائيل ٽائيم مانيٽرنگ لاءِ جديد ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي جوڙجڪ تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ان موقعي تي ايف بي آر ۾ جديد ۽ عالمي معيار جي ڊجيٽل ايڪو سسٽم جي جوڙجڪ جي منظوري، عالمي شهرت رکندڙ ماهرن جي خدمتن لاءِ هدايتون ڪندي چيو ته ايف بي آر جي جاري سڌارن جي ثمرن عيوض معيشت هاڪاري رخ ۾ گامزن آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته صرف ڊجيٽلائيزيشن ئي ناهي، نئين نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پورو ڊجيٽل ايڪو سسٽم ٺاهيو وڃي، ڪچي مال جي تياري ۽ آمدني واپار، مصنوعات جي مينيوفيڪچرنگ ۽ صارف جي خريداري تائين جي سموري ڊيٽا کي هڪ ئي سسٽم سان ڳنڍيو وڃي، نظام کي ايتري قدر اثرائتو ٺاهيو وڃي جيئن پوري ويليوچين جي سڌي ريت ڊجيٽل نگراني ڪري سگهجي. نظام تحت جمع ٿيل مرڪزي ڊيٽا کي معاشي اسٽريٽجڪ فيصلا سازي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
