بريڪنگ نيوز

چاهيون ٿا ته فيصلا ٻاهر کان نه پر ملڪي عوام جي هٿ ۾ هجن: جونيئر ذوالفقار ڀٽو

دادو(رپورٽر) ڀٽو خاندان جي پڳدار ۽ پيپلز ورڪرز پارٽي جي نوجوان سرواڻ جونئير ذوالفقار ڀٽو دادو پهچي ويو، جتي نوجوانن پاران اويس اتيرو جي اڳواڻيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. سندن آمد جي موقعي تي "جئي عوام” جي عنوان سان هڪ سيمينار جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي اڳواڻن، شاگردن ۽ مختلف ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ذوالفقار ڀٽو چيو ته، اسان چاهيون ٿا ته عوام پاڻ خودمختيار هجي، فيصلا ٻاهر کان نه، بلڪه عوام جي هٿ ۾ هجن. باقي پارٽيون ۽ تنظيمون ضلعي سطح تي به ٻين جي هدايتن تي هلن ٿيون، پر اسان جو فلسفو ان کان مختلف آهي. اسان چاهيون ٿا ته عوام کي ضلعي، صوبي ۽ ملڪ جي سطح تي حقيقي خودمختياري حاصل هجي هن وڌيڪ چيو ته اوهان نوجوانن کي منظم ٿي اڳتي اچڻو پوندو، ڇو ته ماڻهو اوهان ڏانهن اميدن سان ڏسن ٿا، معاشري جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو عورتون ۽ اقليتون آهن، انهن کي ساڻ کڻي هلڻو آهي. سماج جي سڌاري لاءِ سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. تقريب دوران محمد خان اتيرو پاران ذوالفقار ڀٽو کي روايتي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌائي اعزاز ڏنو ويو، جڏهن ته ميزباني جو فرض اويس اتيرو سرانجام ڏيندي سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪيو. سيمينار ۾ شمس الدين پيرزادو، ذين گهلو، ٽائيگرز سولنگي، گلريز کيڙو سميت ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. نوجوانن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي ڀٽو سان پنهنجي ساٿ جو واعدو ڪيو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے