بريڪنگ نيوز

يلو لائن رڳو ٽرانسپورٽ کي بهتر نه ڪندي، پر اقتصادي سرگرمين کي به ھٿي ڏيندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد يلو لائن بي آر ٽي منصوبي سائيٽ آفيس ۽ ڄام صادق پل ويجهو جاري تعميراتي ڪم جو تفصيلي دورو ڪيو.يلو لائن بي آر ٽي جي سائيٽ آفيس آمد تي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات،  ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو وفد جو استقبال ڪيو.عالمي بئنڪ جي وفد ۾ ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مسٽر عثمان ديوني، پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمنگابازار، ريجنل پريڪٽس ڊائريڪٽر فاديه سعاده، ريجنل پريڪٽس ڊائريڪٽر المود ويٽز، آپريشنز مينيجر گيليئس ڊراوگيلس، ريجنل وائيس پريزيڊنٽ جي اسپيشل اسسٽنٽ لوبنا حاجي، آپريشنز آفيسر حنا سليم لوٽيا، ۽ سينيئر ايگزيڪيوٽو اسسٽنٽ وليد انور شامل هئا.يلو لائن بي آر ٽي جي سائيٽ آفيس تي هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ منصوبي جي اهميت، افاديت ۽ اڳڀرائي تي روشني وڌي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يلو لائن بي آر ٽي ڪراچي جو هڪ اسٽريٽجڪ ۽ ويزنري منصوبو آهي، جنهن جو مقصد ماڻهن کي تيز، سستي ۽ محفوظ سفري سھولت فراهم ڪرڻ آهي. هي منصوبو شاهراه نورجهان کان وٺي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۽ لانڍي تائين پکڙيل هوندو، جنهن سان روزانو لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا.هن چيو ته يلو لائن رڳو ٽرانسپورٽ   کي بهتر نه ڪندي، پر اقتصادي سرگرمين کي به ھٿي ڏيندي. اسان چاهيون ٿا ته منصوبو عالمي معيار مطابق مڪمل ٿئي. ان ۾ سهولتون عالمي شهرن جي طرز مطابق فراهم ڪيون پيون وڃن.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يلو لائن بي آر ٽي ۾ رڳو اليڪٽرڪ بسون هلن، ته جيئن منصوبو مڪمل طور ماحول دوست هجي. اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين ڀيري اي وي بسون ۽ عورتن لاءِ پنڪ بس سروس متعارف ڪرائي، جيڪا ڪاميابي سان هلي رهي آهي. اي وي بسن سان ماحولياتي آلودگي گهٽ ٿيندي ۽ فيول جي خرچن ۾ به بچت ٿيندي.هن چيو ته اسان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ اي وي اسڪوٽر اسڪيم آڻي رهيا آهيون، هن وقت تائين 8000 کان وڌيڪ عورتن درخواستون ڏنيون آهن. هڪ فوڊ چين ڪمپني به اسان سان گڏ تربيت جي مرحلي ۾ آهي ته جيئن عورتن کي مڪمل طور تي با اختيار ڪيو وڃي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته هي رڳو ٽرانسپورٽ منصوبو نه آهي، پر هڪ سماجي انقلاب جي شروعات آهي. ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ ڪراچي کان سکر تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين تي به ڪم جاري آهي.هن چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪيا آهن، جتي سيڙپڪارن کي ڏهه سال لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. ڊالر جي قدر ۾ واڌ سبب بي آر ٽي جي تعميراتي لاڳت ۾ ضرور فرق آيو آهي، پر حڪومت هن چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.عالمي بئنڪ جي وفد يلو لائن بي آر ٽي منصوبي جي رفتار، معيار ۽ ويزن جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ وڌيڪ ٽرانسپورٽ منصوبن جي ضرورت آهي. وفد پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ حڪومت سنڌ جي قدمن کي ھاڪاري قرار ڏنو.ملاقات جي موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مهمانن کي شيلڊ، سنڌي ثقافت جي اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا پڻ ڏنا.عالمي بئنڪ جي وفد جام صادق پل جي ويجهو يلو لائن بي آر ٽي جي تعميراتي سائيٽ جو به دورو ڪيو ۽ ڪم جو جائزو ورتو. ان موقعي تي به  سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي منصوبي تي جاري ڪم ۽ منصوبي جي مختلف پهلوئن بابت بريفنگ پڻ ڏني.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے