بريڪنگ نيوز

پنجاب ۾ برسات جو هڪ ٻيو طاقتور اسپيل تيار، مري ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب ۾ سانوڻي برساتن جي هڪ ٻئي اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته مري ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.پي ڊي ايم اي ترجمان پنجاب جو چوڻ آهي ته سانوڻي برساتن جو هڪ ٻيو اسپيل 28 جولاءِ کان شروع ٿيندو. 28 کان 31 جولاءِ جي دوران پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ برسات پوڻ جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُالدين لاهور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، گجرات، گوجرانوالا ۽ حافظ آباد ۾ برسات جو امڪان آهي. نئين اسپيل جي تحت نارووال، ساهيوال، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، خوشاب، سرگودها، ميانوالي، ننڪانه صاحب، چنيوٽ، فيصل آباد ۽ اوڪاڙه ۾ به برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب 29 کان 31 جولاءِ جي دوران ڊيره غازي خان، بهکر، بهاوالپور، پاڪپتن، وهاڙي، لودهران، مظفر ڳڙهه ۽ راجن پور ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.پي ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته تيز برسات سبب مري ۽ گليات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي، برسات سبب ڪچا گهر ۽ زبون حال بڻيل عمارتن کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي.ياد رهي ته پنجاب ۾ برسات جي گذريل اسپيل جي دوران مختلف حادثن ۾ 252 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته وڏي انگ ۾ گهرن ۽ روڊن کي به نقصان پهتو هو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے