بريڪنگ نيوز

سوات: پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي، فتنته الخوارج جا 3 دهشتگرد مارجي ويا

سوات: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.رپورٽ موجب سي ٽي ڊي فتنته الخوارج جا 3 دهشتگرد مارجي ويا، ڪامياب آپريشن ۾ اجمل عرف وقاص سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا. ويلج ڊفينس ڪونسل جي ميمبرن جي قاتل اجمل جي مٿان 20 لک روپيه قيمت مقرر هئي.سي ٽي ڊي چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ پوليس اهلڪارن جي شهادتن ۾ ملوث هئا. پرڏيهي فنڊنگ سان دهشتگردي پکيڙيندڙ نيٽ ورڪ تباهه ڪيو ويو، دهشتگرد آءِ اي ڊي حملن ۽ ڀته خوري جي ڪيسز ۾ به گهربل هئا. ريجنل پوليس آفيسر مالاڪنڊ ڊويزن شير اڪبر خان چيو ته سي ٽي ڊي جي اها ڪارروائي سوات ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ فتنته الخوارج جي آپريشنل ونگز تي اهم ڪارروائي آهي، فتنته الخوارج کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد فتنته الخوارج جي آپريشل ڪمانڊ ونگ پاران اهم ڪارروائي تي علاقائي پوليس ۽ سي ٽي ڊي سوات جي تعريف ڪئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي قيام لاءِ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائين جو سلسلو وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام احتجاج جي ڪال رد ڪري ڇڏي، بي مقصد احتجاج جي ڪالن جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے