بريڪنگ نيوز

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو چين جو سرڪاري دؤرو، ٻنهي فوجن وچ ۾ پُراڻي دوستيءَ جي علامت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) عوامي جمهوريه چين جو سرڪاري دؤرو ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب دؤري دوران آرمي چيف بيجنگ ۾ چين جي اعليٰ سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ڪيتريون ئي اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون جن ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري جي توثيق ڪئي وئي. آرمي چيف نائب صدر عوامي جمهوريه چين هان زينگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ اي سان ملاقات ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ خطي ۽ دنيا ۾ بدلجندڙ سياسي حالتن، سي پيڪ تحت منصوبن ۽ گڏيل جاگرافيائي سياسي چئلينجز لاءِ مربوط ردِعمل جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفن لاڳاپن جي گهرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خودمختياراڻي برابري، گهڻ رُخي تعاون ۽ ڊگهي مُدي جي علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. چيني قيادت ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج کي هڪ مضبوط ٿنڀ ۽ مُک ڪردار رکندڙ قرار ڏنو. دفاعي شعبي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير،  جنرل ڪائي زائي جن، چيف آف اسٽاف پي ايل اي آرمي سان ملاقاتون ڪيون. پي ايل اي آرمي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي آرمي چيف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جيڪا ٻنهي فوجن وچ ۾ پُراڻي دوستيءَ جي علامت آهي. ان ملاقاتن ۾ دفاعي ۽ سلامتي جي تعاون تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ، گڏيل تربيت، دفاعي شعبي ۾ جدت ۽ اداره جاتي رابطن کي مضبوط بنائڻ جهڙا معاملا شامل هئا. آپريشنل هم آهنگي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي بهتر بنائڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن هائبرڊ ۽ سرحد پار خطرن جو مؤثر مقابلو ڪري سگهجي. چيني عسڪري قيادت ٻه طرفي دفاعي حصيداريءَ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي ساراهيو. فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ پاڪستان طرفان عسڪري سطح تي هر شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هي دؤرو ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ وڌندڙ سياسي ۽ عسڪري لاڳاپن جي گهرائيءَ جو اهڃاڻ آهي ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪري ٿو ته هو علائقائي سلامتيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطن ۽ مشاورت جي عمل کي جاري ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے