بريڪنگ نيوز

ماهرن جي مقرري جي حوالي سان ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو: شهباز شريف

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اداراجاتي سڌارا اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن، سرڪاري ادارن جي رائيٽ سائيزنگ ۽ حڪومتي ادارن ۾ ميرٽ تي ماهرن جي مقرري جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ فني ماهرن جي مقرري ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري تي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري صلاحڪار هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اداراجاتي سڌارا اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن، سرڪاري ادارن جي رائيٽ سائيزنگ ۽ حڪومتي ادارن ۾ ميرٽ تي ماهرن جي مقرري جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهيون، ماهرن جي مقرري جي حوالي سان ميرٽ ۽ شفافيت تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي فني ماهرن جي مقرري جي حوالي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هيستائين فني ماهرن جي 15 جاين تي مقرريون ٿي چڪيون آهن، وڌيڪ 47 ٽيڪنيڪي جاين تي ماهرن جي مقرري ڪئي پئي وڃي، 7 اهم وزارتن ۽ ادارن ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن، چيف فنانس آفيسرن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽرز جي مقرري جي لاءِ 30 اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي، پيٽروليم ڊويزن ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ۾ مقررين جي حوالي سان اميدوارن جي انٽرويز جا شروعاتي دور مڪمل ڪيا ويا آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن سيڙپڪارين جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان فوڪل ٽيمز نامزد ڪري ڇڏيون آهن، سيڙپڪاري جي حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام، ريلوي ۽ سياحت جي شعباجاتي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، سيڙپڪاري جي حوالي سان غذائي تحفظ، سامونڊي معاملن، معدنيات، سياحت، صنعت، هائوسنگ ۽ توانائي جي شعبه جاتي فريم ورڪ تي ڪم آخري مرحلن ۾ آهي، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، آذربئايجان، قطر ۽ ڪويت سان سيڙپڪاري جي حوالي سان منصوبا مختص ڪرڻ جي حوالي سان 18 معاشي سيڪٽرز جي پچ بڪس تيار ڪيون ويون آهن.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے