بريڪنگ نيوز

مذهبي نفرت نه رڳو اخلاقي طور تي ناقابل دفاع آهي پر اهو گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادن تي حملو آهي: اسحاق ڊار

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر جي حيثيت ”عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ ۾ گڏيل قومن ۽ علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن جي وچ ۾ تعاون: اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي)“ تي بريفنگ ۾ پاڪستان جو بيان ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ او آءِ سي کي گڏيل قومن کانپوءِ ٻي وڏي بين الحڪومتي تنظيم قرار ڏيندي ان کي عالمي ۽ علائقائي ڪوششن جي وچ ۾ پل ۽ سياسي ترجيحن کي انساني همدرديءَ سان هم آهنگ ڪندڙ تنظيم قرار ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي جي قانوني حيثيت نه رڳو ان جي وسيع ۽ اسٽريٽجڪ ميمبر ملڪن سان ملي ٿي پر ان جي واضح اصولن سان به ملي ٿي جيڪي انصاف کي قائم ڪرڻ، انساني وقار جي تحفظ، سمورن ميمبر ملڪن جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي احترام ۽ قومن جي وچ ۾ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪن ٿا. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته انتهاپسندي خاص طور تي اسلامو فوبيا جي خوفناڪ عروج جي خلاف گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ تعاون انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته مذهبي نفرت نه رڳو اخلاقي طور تي ناقابل دفاع آهي پر اهو گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادن تي حملو آهي. هن او آءِ سي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته تنظيم فلسطيني عوام جي آزادي ۽ رياست جي حق، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق ۽ ڀارت جي ڊگهي غيرقانوني قبضي جي خاتمي، ليبيا، افغانستان، شام، يمن ۽ ٻين علائقن ۾ امن جي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

رائيٽ بئنڪ تي بندن ۾ 5 کان 6 هنڌن تي بريچ جو خدشو، ڪجهه بند ليڪ ٿي سگهن ٿا: وڏو وزير

ڪراچي: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے