بريڪنگ نيوز

پاڪستان جو سوشل ميڊيا ڪمپنين کان گمنام آءِ ڊيز بلاڪ ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان سوشل ميڊيا آپريٽرن کان دهشتگردن جي استعمال هيٺ هلندڙ گمنام آئي ڊيز بلاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيوئقانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير بيئريسٽر عقيـل ملڪ ۽ گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي دهشتگردي خلاف مضبوط مورچي جي حيثيت رکي ٿو.طلال چوڌري جو چوڻ هو ته اسان دهشتگردن جا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان سوشل ميڊيا آپريٽرن کي درخواست ڪري رهيا آهيون ته هو اسان سان سهڪار ڪن ۽ اهڙن اڪائونٽن بابت معلومات شيئر ڪن جيڪي دهشتگردن جي استعمال هيٺ آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر ناهي ته اهي اڪائونٽس افغانستان مان آپريٽ ٿين پيا يا ڪنهن ٻئي هنڌان، اهي گمنام نالن ۽ آئي ڊيز سان هلن ٿا.

بابت admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد بلدياتي چونڊن ۾ دير: اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو وزير کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني ۾ بلدياتي چونڊن ۾ دير جي معاملي تي اليڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے